پي ايس ايل: اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪوئيٽا خلاف شاندار فتح

پي ايس ايل: اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪوئيٽا خلاف شاندار فتح

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 11 هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پهرين بيٽنگ ڪندي ڪوئيٽا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون، اسلام آباد 19 هين اوور ۾ صرف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسن جو هدف حاصل ڪيو.ڪوئيٽا لاءِ حسن نواز 36 بالن تي 66 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته سعود شڪيل 42 ۽ ٽام ڪرن 29 رنسون ٺاهيون.اسلام آباد جي ڪپتان شاداب خان شاندار بالنگ ڪئي ۽ 23 رنسن تي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عماد وسيم ۽ سلمان ارشاد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.هدف جو تعاقب ڪندي، اسلام آباد يونائيٽيڊ 19 هين اوور ۾ 184 رنسن جو هدف حاصل ڪيو.بيٽنگ ۾ سمير منهاس 83 ۽ شاداب خان 69 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ٻنهي ٽئين وڪيٽ لاءِ 128 رنسون ٺاهيون، جنهن ٽيم کي فتح ڏياري.اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان کي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگي تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو