اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احساس پروگرام جي سربراهه بينطير انڪم سپورٽ پروگرام هيٺ گهروارين جي نالن تي امداد حاصل ڪندڙ گريڊ 17 هين جي 4 آفيسرن کان رقم وصولي بعد برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ثانيه نشتر ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته مختلف صوبن جي سرڪاري ملازمن جن فائدو ورتو انهن خلاف قانوني ڪاروائي لاءِ نالا واسطيدار صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي ڪاروائي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.
مٿي ڄاڻايل برطرف ڪيل ملازم بينظير انڪم سپورٽ جا هئا جن خلاف اسين پاڻ ڪاروائي ڪئي. انهن ۾ محمد نعمان ضعيم ۽ شفيع الله خان ڊيرا اسماعيل خان، سيد فضل امين ۽ سبيل خان ايبٽ آباد شامل آهن. انهن کان ڌوڪي سان وصول ڪيل 4 لک 40 هزار 196 روپيا وصول ڪيا ويا آهن. ثانيا نشتر اڳ ۾ اعلان ڪيو هو ته 8 لک 20 هزار 163 ماڻهن جا نالا خارج ڪيا هئا جن ۾ صاحب حيثيت ماڻهو شامل هئا. جن ۾ 14 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازم پنهنجي يا گهروارين جي نالن تي امداد حاصل ڪري رهيا هئا. جن ۾ گريڊ 17 هين جا 1446، گريڊ 18 هين جا 604، گريڊ 19 هين جا 429، گريڊ 20هين جا 61 ۽ گريڊ 21 هين جا 3 آفيسر امداد حاصل ڪري رهيا هئا.










