مولانا جي پٽ جي  گاڏي حادثي جو شڪار، 2 رضاڪار فوت

مولانا جي پٽ جي گاڏي حادثي جو شڪار، 2 رضاڪار فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا اسجد محمود جي اسڪواڊ گاڏي خيبر پختونخواه جي ڊيره اسماعيل خان ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
پوليس موجب، حادثو وانڊا يارڪ جي ويجهو پيش آيو، جنهن ۾ 2 رضاڪار مارجي ويا ۽ 1 زخمي ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي سلِڪنگ سبب سي پيڪ موٽر وي تان ڪري پئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پٽ اسجد محمود حادثي ۾ محفوظ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو