اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاپوليشن ڪائونسل انفارميشن سروس اڪيڊمي (ISA) ۽ گڏيل قومن جي آبادي بابت اداري (UNFPA) جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ ميڊيا ڪوليشن جو هڪ اجلاس منعقد ڪيو، جنهن جو مقصد گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) جي تحت پاڪستان جي قومي ايڪشن پلان براءِ آبادي تي اڳڀرائي ۾ ميڊيا جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ هو. هن اجلاس ۾ سينيئر صحافين، ابلاغيات جي ماهرن ۽ سرڪاري ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ هن ڳالهه تي خيال ونڊيو ته شاهدي تي ٻڌل رپورٽنگ ڪيئن جوابدهي کي فروغ ڏئي سگهي ٿي ۽ تيزي سان وڌندڙ آبادي سان لاڳاپيل چئلينجن بابت عوامي آگاهي وڌائڻ سان گڏ هن سلسلي ۾ حڪومتي قدمن کي بهتر بڻائي سگهي ٿي.افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي پاپوليشن ڪائونسل جي سينيئر ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي مير آبادي ۽ وسيلن جي وچ ۾ توازن آڻڻ لاءِ قومي بيانيي جي جوڙجڪ ۾ ذميوار صحافت جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن اهو پڻ چيو ته قومي ايڪشن پلان براءِ آبادي تي اڳڀرائي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ميڊيا هن پلان تي عملدرآمد ۾ موجود خالن، خدمتن جي فراهمي ۾ رڪاوٽن ۽ ڪميونٽيز جي زميني حقيقتن کي نمايان ڪري.انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه صحافين کي مستند ڄاڻ ۽ پيشاورانه تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ اداري جي عزم کي ورجايو ۽ تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي مدد ڪرڻ جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته، “ميڊيا صرف پيغام پهچائڻ وارو ذريعو ناهي، پر قومي سطح تي بيانيه ٺاهڻ لاءِ سڀ کان اهم ستون آهي. ميڊيا ذريعي خاندان جي وسيلن ۽ خاندان جي فردن جي وچ ۾ توازن آڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو.”پنهنجي خطاب ۾ پاپوليشن ڪائونسل جي مينيجر ڪميونيڪيشن اڪرام الاحد پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ توليدي صحت جي مسئلن جي انساني پهلوءَ کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته خانداني منصوبابندي جي سهولتن تائين محدود رسائي سبب عورتن، خاص طور تي غريب ٻهراڙي وارن علائقن جي عورتن ۾، ويم دوران موت جي شرح اڃا به وڌيڪ آهي. پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 60 لک غير ارادي حملا ٿين ٿا، جن مان 38 لک اسقاطِ حمل تي ختم ٿين ٿا، ۽ انهن مان ڪيترائي غير محفوظ حالتن ۾ ٿين ٿا. هن چيو، “هي انگ اکر اصل ۾ سهولتن تائين رسائي جي بحران کي ظاهر ڪن ٿا. جڏهن عورتن کي مانعِ حمل ذريعا دستياب ناهن هوندا ته هو پنهنجي صحت، سلامتي ۽ مستقبل تي اختيار وڃائي ويهنديون آهن.”ميڊيا ڪوليشن جي ميمبرن ظفر سلطان (پي ٽي وي) ۽ دانيال عمر (سماءِ ٽي وي) ڪوليشن جي سڀني ميمبرن جي طرفان تيار ڪيل گڏيل جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ سي سي آءِ جي قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو هو. هن جائزي ۾ مختلف صوبن ۾ موجود مستقل چئلينجن جي نشاندهي ڪئي وئي، جن ۾ شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ صحت جي سهولتن ۾ فرق، ليڊي هيلٿ ورڪرن جي کوٽ، مانعِ حمل دوائن جي فراهمي ۾ بار بار تعطل، پاليسين تي غير مساوي عملدرآمد ۽ ڏورانهن ضلعن ۾ محدود رسائي شامل آهن.اجلاس جي شرڪت ڪندڙن زور ڏنو ته نظام ۾ موجود خامين کي اجاگر ڪرڻ ۽ صوبائي ۽ وفاقي واعدن کي عملي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ لڳاتار ۽ ذميوار ميڊيا رپورٽنگ انتهائي ضروري آهي. صحافين پڻ زور ڀريو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي سان پيدا ٿيندڙ مسئلن، خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صحت جي سهولتن تائين محدود رسائي، ويم ۽ توليدي صحت جي سهولتن تائين گهٽ رسائي جهڙن موضوعن تي انگن اکرن جي بنياد تي بهتر رپورٽنگ ڪئي وڃي ته جيئن عوامي آگاهي ۽ پاليسي سطح تي جوابدهي مضبوط ٿي سگهي.اجلاس جي پڄاڻي تي يو اين ايف پي اي جي پروگرام اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جميل احمد چوڌري عورتن ۽ ڇوڪرين جي صحت ۽ حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو، “هر اها ماءُ يا نون ڄاول ٻار جي موت جنهن کي روڪي سگهجي پئي، اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته هن حوالي سان فوري قدم کڻڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.”اجلاس ان گڏيل عزم سان ختم ٿيو ته ميڊيا، سرڪاري ادارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ته جيئن پاڪستان ۾ توليدي صحت ۽ آبادي سان لاڳاپيل قومي هدفن جي حاصل ڪرڻ جي رفتار تيز ٿي سگهي










