لساني پارٽي جو گورنر آڻڻ جي منفي سوچ – سدا حيات جلباڻي

تازي خبر آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جو گورنر تبديل ڪرڻ بابت سوچي رهي آهي. اهو ان جو حق آهي. سنڌ مان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ ايم ڪيو ايم  وفاقي حڪومت سان  گڏ آهن. موجوده گورنر مقرر ڪرڻ وقت جي ڊي اي جي هڪ اهم شخصيت سردار ممتاز علي خان ڀٽو جو نالو به ورتو پئي ويو پر ڪُڻو پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل عمران اسماعيل جو نڪتو. هاڻي به جيڪڏهن سنڌ جو گورنر تبديل ڪرڻو آهي ته پي ٽي آءِ وٽ سنڌ جون ٻه هستيون محمد ميان سومرو ۽ فهميده مرزا موجود آهن. اهي ٻئي تجربيڪار شخصيتون آهن. اڃا به  نئون رت جي ڊي اي جو اياز لطيف پليجو بهترين چونڊ ثابت ٿي سگھي ٿو.

اچرج جي ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سنڌ جي ڀلائي خاطر نه پر سنڌ ۾ ”پ پ کي مونجهارن ۾ وجهڻ لاءِ ”لساني پارٽي وارن کي سنڌ جي گورنرشپ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شموليت جي آڇ کانپوءِ اهو قدم کڻڻ جي سوچ پيدا ٿي آهي. اها سو سيڪڙو منفي سوچ آهي. گورنر مقرر ڪرڻ لاءِ اهڙن ماڻهن تي هٿ رکڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جن مان هڪ جو تعلق ان ماڻهو سان آهي، جنهن کي خاص عدالت پاران ملڪ جو آئين ٽوڙڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي ڦاسي جي سزا  ڏني وئي آهي. ٻيو وري ٻارنهن مئي ٻه هزار ست تي ملڪ جي ان وقت حاضر سروس چيف جسٽس جي ڪراچي ايئرپورٽ تان شهر ۾ داخلا بند ڪرڻ جي ڪارروائين سان ڪراچي ۾ قتلام جي الزامن کان اڃان آجو نه ٿي سگھيو آهي. ملڪ جي معتبر انگريزي اخبار ”ڊان“ اهڙين ڪارروائين کان هڪ ڏينهن بعد تيرنهن مئي تي ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته “ائين ٿي لڳو ته ڪراچيءِ ۾ ڪا حڪومت آهي ئي ڪين. بندوق بردار ماڻهو شهر تي حڪمراني ڪري رهيا هئا.“

ماڻهو ڪيڏي به ڪوشش ڪري، ان جو ماضي ساڻس قبر تائين گڏ رهڻو هوندو آهي. ڪراچيءَ جو ميئر ۽ ڦاسي جي سزا آيل پرويز مشرف جو وڪيل ٻڌائي سگھندا ته اهي ”نامعلوم افراد“ ڪير هئا، جيڪي سندن پنهنجي هٿان ماريل ڪارڪنن جو ”سوڳ“ ملهائڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شهر کي باهه جي شعلن جي حوالي ڪري دهشت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا هئا؟ اهي ڪير هئا، جن بلديه ۾ ڪروڙين روپيا گھُريل ڀتو نه ڏئي سگھڻ تي فيڪٽري جي سوين مزدورن کي باهه ڏيئي ساڙي ماري ڇڏيو هو. اهي ڪير هئا، جن هڪ پلازا ۾ بند ٿي ويل وڪيلن کي ساڙي ماريو هو؟ اهي ڪير هئا جن اياز لطيف پليجو پاران ڪڍيل پرامن ريلي تي فائرنگ ڪري سنڌ جي هڪ نياڻيِءَ کي شهيد ڪيو هو؟

ياد رهي ته جڏهن اهي هندوستان مان لڏي پاڪستان (اصل ۾ سنڌ) آيا هئا ته ڀٽ ڌڻي جي ڀونءِ وارن هنن کي  پيار ڏيندي ايڏو ڪجھ هنن جي حوالي ڪيو هو، ڄڻ ته هنن جي لاٽري نڪري آئي هئي. هيڏو سارو صاف سٿرو بين الاقوامي نوعيت جو وڏو شهر، ڪشادا روڊ رستا، ٽرانسپورٽ لاءِ ٽرام جهڙي سستي سواري، بنگلا، فليٽ، منصوبابندي تحت هائوسنگ سوسائٽين ۾ پلاٽ، نوان گھر اڏڻ لاءِ نهايت ئي سولين قسطن تي هائوس بلڊنگ فائنانس ڪارپوريشن پاران قرض، کيڏڻ ڪڏڻ لاءِ راندين جا خوبصورت ميدان، وڏا اسٽيڊيم، صبح  شام هوا خوري ۽ ورزش لاءِ گلن ڦلن وارا سر سبز پارڪ، سنڌي مسلمانن، عيسائين، پارسين ۽ هندن جا قائم ڪيل وڏا تعليمي ادارا جهڙوڪ سنڌ مدرست الاسلام، اين جي وي اسڪول، ماما پارسي اسڪول، ڊي جي سائنس ڪاليج، اين اي ڊي انجينئرنگ يونيورسٽي وغيره ۽ وفاقي نوڪرين ۾ ست سيڪڙو آئيني طور محفوظ ڪوٽا، هڪڙي اهڙي شئي جيڪا هنن پاڻ ته ٺهيو، سندن وڏڙن به پنهنجي سڄي ڄمار ۾ نه ڏٺي هئي يعني سنڌي مها ساگر. سڀ ڪجھ  ڏسي هنن جون اکيون چنجھيون ٿي ويون هيون. هي وائڙا ٿي ويا هئا، هي پيار جي موٽ ۾  پيار ڪرڻ جي ريت جا هريل نه آهن. هنن کي سڀ ٿورا ۽ احسان وسري ويا آهن. اهي پاڻ کي مفت ۾ ۽ خيرات طور مليل شين جا مالڪ سمجھڻ لڳا آهن. هو زهر ڀري نفرت جي پيداوار هئا. سندن زهريلي زبان سدائين زهر اوڳاڇيندي ٿي رهي. ساري دنيا کي امن، محبت ۽ انساني ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ شاهه عبدالليف ڀٽائي جي محبت واري ڪلام جي منڍان ئي منڪرن زهريليون ڳالهيون شروع ڪيون آهن. کين ڄاڻڻ گھرجي ته سنڌڙي ۽ سنڌي مها ساگر لازم ۽ ملزوم حيثيت ۾ هزارها سالن کان ساڳئي هنڌ تي قائم دائم رهيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ لطيف سرڪار جي وطن گھاٽي بڙ جيئن ڇانو ڪندي تڙجي آيلن کي پناهه ڏني. پناهگيرن مٿان پيار ڀريو هٿ رکڻ وارن سنڌين سان ايڏو بغض ۽ ساڙ روا رکيو اٿائون جو ملڪي چونڊن ۾ سدائين سنڌ کان ٻاهران آيل اميدوارن کي ووٽ ڏنائون. ڪڏهن به هنن جو ووٽ فطري اتحادي ڀٽو  صاحب کي نه مليو ۽ نه ئي بينظير صاحبه کي. ايڏن گھڻن احسانن جو بدلو ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“ جهڙا گندا چوسٽا لکي هڪ ساڙولي اخبار جي چئن ئي پاسن تي ڇاپي امن جي ڌرتيءَ تي نفرت پکيڙڻ جي ناپاڪ ڪوشش سان ڏنائون. مٽيءَ سان محبت هنن سکي ئي نه آهي. احسان فراموشي، ڌرتي دشمني ۽ وطن سان وير هنن جي سُتيءَ ۾ پيل آهن. هنن جو من ايڏو وڌي ويو هو جو ملڪ دشمن تقريرون ڪيائون ۽ ملڪ دشمن نعرا هنيائون. هر جملي تي آمين، آمين چوندڙ تقريرون ٻڌڻ وارن کي تخريبڪاري جي هوشي ڏيندي ٽيليويزن چئنلز جون آفيسون ساڙايائون. هاڻي ”تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا“ جي صورتحال آهي. هي بد بخت پنهنجي ڪئي جو ڪيتو ڏيندا. اهي گورنرين لائق نه آهن. پي ٽي آءِ لاءِ اهو بهتر ٿيندو ته پنهنجي پارٽيءَ مان يا ملڪ جي سرحدون سنڀاليندڙ حر تحريڪ جي مجاهدن سان ڳنڍيل محب وطن ماڻهن مان ڪا برجستي شخصيت چونڊي سنڌ جو گورنر بڻائي.. 

پهنجو تبصرو موڪليو