ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي پرڏيهي کاتي ايران ۾ موجود پنهنجي شهرين کي فوري طور ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي۔
پرڏيهي خابرواداري موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ امڪاني آمريڪي حملي جي خدشن سبب ڀارتي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔
تهران ۾ ڀارتي سفارتخاني سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايران ۾ بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪي ڀارتي شهري هن وقت ايران ۾ موجود آهن، اهي دستياب ذريعن، جن ۾ ڪمرشل اڏامون به شامل آهن، ذريعي جلد کان جلد ايران ڇڏي وڃن۔
ڀارتي وزارتِ خارجه جي اندازي موجب ايران ۾ عام طور لڳ ڀڳ 10 هزار ڀارتي شهري موجود هوندا آهن۔
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڀئي ڀارتي شهري ۽ ڀارتي نزاد ماڻهو احتياط ڪن، احتجاجن يا مظاهرن وارن هنڌن کان پري رهن، ايراني اختيارين جي هدايتن تي عمل ڪن، ڀارتي سفارتخاني سان رابطي ۾ رهن ۽ مقامي ميڊيا وسيلي صورتحال تي نظر رکن۔
هي چتاءُ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي اربع ڏينهن اسرائيل جي دوري تي روانو ٿيڻ وارا آهن۔
اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو چيو آهي ته مودي جو دورو مبينا طور “انتہاپسند دشمنن” خلاف هڪ نئين اتحاد جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندو۔










