اسلام اباد(بيورو رپورٽ) چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) ۽ چيف آف آرمي اسٽاف (سي او اي ايس) فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان “عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال” بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آرپاران آچر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عصم منير 12 کان 14 فيبروري تائين 62 هين ميونخ سيڪورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.
بيان موجب آرمي چيفامريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي ۽ “گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن، جن ۾ عالمي ۽ علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار شامل آهن” تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔
پنهنجي دوري دوران فيلڊ مارشل منير ڪيترن ئي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون۔ جن ۾ جرمني جي گهرو وزيراليگزينڊر ڊوبرنڊٽ Alexander Dobrindt، جرمني جي وفاقي چانسلر جي پرڏيهي ۽ سلامتي پاليسي بابت صلاحڪار گنتر سوتر Günter Sautter، ۽ چيف آف ڊفينس ڪارسٽنبريوئر Carsten Breuer شامل هئا۔
آءِ ايس پي آر موجب، “ملاقاتن ۾ جديد سلامتي مسئلن، ٻطرفي دفاعي سهڪار ۽ گهڻ طرفي ڳالهه ٻولهه ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت” تي ڌيان ڏنو ويو۔
سي ڊي ايف منير برازيل جي جوائنٽ فوجي اسٽاف جي سربراهه ايڊمرل Renato Rodrigues de Aguiar Freire سان پڻ “مثبت ۽ ڪارآمد ملاقات” ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي فوجي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔
لبنان جي هٿياربند فوجن جي ڪمانڊر جنرل روڊولف هيڪل Rodolph Haykal پڻ فيلڊ مارشل منير سان ملاقات ڪئي۔ آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي اڳواڻن “عالمي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي سهڪار کي وڌائڻ لاءِ قدمن” تي بحث ڪيو۔
جنوري ۾ سي ڊي ايف سوئٽزرلينڊ جو دورو ڪيو هو، جتي هن ۽ وزيراعظم شهباز شريفاڪنامڪ ورلڊ فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي مارڪو روبيو ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان غير رسمي ملاقاتون ڪيون هيون۔
ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن آذربائيجان جي صدرالهام اليوف ، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرهاڪن فدان Hakan Fidan سان پڻ ملاقات ڪئي هئي۔
ڀارت ۽ افغانستان کان آپريشنل تيارين ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گهڻو اڳتي آهيون، ترجمان
اڌ چوري واپس، بائنانس پاران رقم ڪڍائڻ جي سهولت بحال
جرمني ۾ پرتشدد مظاهرا، ڦر لٽ، يورپ جي ٻين ملڪن به احتجاج
خانپور پوليس مبينا مقابلو،ڏوهاري مارجي ويو
صوبن ۽ 28هين ترميم خلاف عوامي تحريڪ جون ڪانفرنسون
پاڪستان گروپ 24 جي صدارت سنڀالي ورتي
پاڪستان کي دهشتگرد حملن جو نشانو بڻجندي نٿا ڏسي سگهون
سنڌ ۾ بلدياتي سهولتن لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري
گهريلو ڪنيڪشنن تي پابندي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ
ايل پي جي اڳواڻ پاران 16 نومبر کان ملڪگير ۾ هڙتال جو اعلان
غيرت جي نالي تي زال ۽ سندس دوست قتل
ڪراچي: اورنگي ٽائون ۽ بلال ڪالوني ۾ پوليس مقابلا، 3 ڄڻا مارجي ويا
اختلاف پنهنجي جاءِ تي، صوبي جي امن لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو: ڪنڊي
ڪراچي بندرگاهه تي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ سان ڀريل ٻه سامونڊي جهاز پهچي ويا
ايران سان ڳالهيون سٺي مرحلي ۾ آهن: ٽرمپ
ايف بي آر آڪٽوبر ۾ هدف کان گهٽ ٽيڪس گڏ ڪيو، دستاويز
12 ضلعن لاءِ 30 کان 40 ارب رپين جي ضرورت آهي: آءِ جي
ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جو روادار روح
ڀارت کان ايندڙ هوائون فضائي معيار خراب ڪن پيون : مريم اورنگزيب
دلجيت سان اختلاف، اڀيجيت ڊپڪي معافي وٺي ڇڏي










