شاگردياڻي کي تنگ ڪندڙ استادن خلاف ڪيس داخل

شاگردياڻي کي تنگ ڪندڙ استادن خلاف ڪيس داخل

صوڀوديرو (مظهر نعمت مڱڻيجو) ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ جي حڪم تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سمي جي ميٽرڪ جي شاگردياڻي عليزا حطار کي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندڙ 4، استادن خلاف صوءوديرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  ڪيس داخل ٿيڻ بعد پنهنجي والدين سان گڏ عليزا حطار سڳيون پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته چار مهينا اڳ مون کي دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندڙ ۽ حراسان ڪندڙ استادن نديم ميراڻي، غلام الرسول ڀٽي، غلام شبير ڀاڳت ۽ ھيڊ ماستر خان محمد سهتو خلاف مون انصاف لاءِ ڌڪا پئي کاڌا ۽ پر هاڻي مونکي انصاف جي اميد آهي. مون سان بنا لالچ جي ميڊيا ۽ ايڊووڪيٽ محمد جمن سهتو جن ساٿ ڏنو ۽ مان سندن ٿورائتي آهيان. ھن وڌيڪ چيو ته مون بدنامي جي پرواهه ڪئي بنا ٿيندڙ زيادتي خلاف آواز اٿاريو ته جيئن ٻين نياڻين جي زندگي بچي سگهي ۽ استادي پيشي کي داغدار ڪندڙ ماڻهن کي نروار ڪجي. هن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعلي سنڌ، وزير تعليم، ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته هو تعليمي ادارن ۾ جنسي حراسگي جي معاملن جو نوٽيس وٺن ڪڌيون حرڪتون ڪندڙ اسٽادن جي روپ ۾ بگڙن کي عبرتناڪ سزا ڏين ۽ کين ملازمت مان برطرف ڪيو وڃي جيئن آئنده ڪو به اهري حرڪت نه ڪري. هن چيو ته نياڻين جي تعليم جي حصول کي محفوظ ڪيو وڃي. الزام هيٺ آيل استادن جنسي حراسگي جو الزام رد ڪندا رهيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو