لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور قلندرز تصديق ڪئي آهي ته سندن تجربيڪار آل رائونڊر ڊيوڊ ويسا ذاتي مصروفيتن ۽ خانداني ذميوارين جي ڪري پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 ۾ حصو نه وٺندو.لاهور قلندرز پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊيوڊ ويسا گذريل ست سيزن دوران لاهور قلندرز سان هڪ مضبوط ۽ پائيدار تعلق قائم ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ پي ايس ايل ۾ واپسي جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ ڊيوڊ ويسا چيو ته لاهور قلندرز جو حصو هجڻ صرف ڪرڪيٽ بابت ناهي پر هڪ خاندان جو حصو هجڻ پڻ آهي. ٽيم ۾ ڀائيچارو، مثبت ماحول ۽ هر روز جذبي سان کيڏڻ هن فرنچائز کي خاص بڻائي ٿو.










