پ پ پ لاءِ  نئين آزمائش !

پ پ پ لاءِ نئين آزمائش !

غلام حسين لغاري
سنڌ ۾ هن وقت سياسي چرپر ڪجهه وڌيڪ تيز ۽ طاقت جي مظاهري تي ٻڌل نظر اچي رهي آهي جڏهن ته پ پ پ ۾ اندروني ڇڪتاڻ سان گڏ پ پ پ جا پراڻا ڪارڪن پارٽي ڇڏي قومپرست سياست جو حصو بڻجي قوم پرستي جو نعرو هڻندي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن۔پ پ پ ڇڏيندڙ آفتاب احمد خانزادو هڪ سياسي سماجي ۽ عالمي موضوعن تي سنڌ جو ناليوارو لکاڙي آهي جنهن پ پ پ جي ترجمان طور ماضي ۾ مخالفن خاص ڪري قومپرستن خلاف وڏا وڏا ڊگها ڊگها ڪالم لکيا انجو پ پ پ کي ڇڏڻ ۽ قومپرست سياست ۾ اچڻ سو به سائين سيد زين شاهه جي قيادت ۾ شامل ٿيڻ پ پ پ کي لمحه فڪر ۾ وجهي ڇڏيو آهي پر اهي به اطلاع آهن ته پ پ پ قيادت آفتاب احمد خانزادي کي پارٽي مان هٽائڻ جو اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ پارٽي ترجمانن جي جاء اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڪجهه ٻين اهم اڳواڻن اڳ ۾ ئي ولاري ڇڏي هئي ۽ آفتاب احمد خانزادو کي گهٽ اهميت هئي۔ سنڌ ۾ سرڪاري ادارن ڪامورن وزيرن ۽ چونڊيل اسيمبلي ميمبرن خلاف نيب به پنهنجا هٿ ڊگهيري رهي آهي جنهنڪري پهريون ڀيرو طاقتور سيڪريٽرين کي جيڪي سالن جا سال هڪ ئي عهدي تي ويٺا هئا تن کي هٽائڻ جو سلسلو شروع آهي معتبر سڏائيندڙ ڪافي سيڪريٽري رپورٽ ٿي چڪا آهن۔آبپاشي زراعت فوڊ ۽ خزاني وارا کاتا ٽارگيٽ تي آهن جن جو احتساب ٿيڻ وڃي رهيو آهي۔اهو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي انجي پويان ڪنهن ته انتهائي طاقتور ڌر جو هٿ آهي جيڪا سنڌ ۾ پ پ پ کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي۔اهو به ممڪن آهي ته سنڌ ڪابينه ۾ به ڪجهه نه پر مک تبديليون به اچن جنهن جا اڳ ۾ ئي افواهه هلي رهيا آهن۔سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ مخالف اشوز تي جنهن قسم جي طاقت جو مظاهرو شروع ڪيو آهي سخت بيان ڏئي رهي آهي اهي به ڪنهن مقصد کان خالي ناهن ڪنهن جو ته هٿ هوندو۔ڪراچي ۾ ڊمپر ڪو ماڻهو ماري ٿو تڏهن به پ پ پ کي ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو ڪنهن پلازه کي باهه لڳي ٿي تڏهن به انجو ذميوار پ پ پ کي ڏيندي الڳ صوبي جو يا وري ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو پر پ پ پ به ايم ڪيو ايم کي وقتي طور کنيو به بيٺي آهي ۽ ساڳي وقت خوفزده به آهي جو حڪومت پهريان ايم ڪيو ايم وزيرن جو پروٽوڪول واپس ورتو بعد ۾ بحال ڪيو جنهن مان ظاهر آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڪنهنجي ته پٺ آهي۔اها پٺ ڪنهنجي ٿي سگهي ٿي هر هڪ ڄاڻي ٿو۔
پ پ پ هن وقت وزارت اعظمي جي ڊوڙ ۾ آهي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڪرائڻ چاهي ٿي۔بلاول ڀٽو ماضي ۾ عمران خان جي آزادي ۽ ساڻس ڳالهين ڪرڻ بابت به اسيمبلي ۾ چوندو رهيو آهي ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي عمل ڪرڻ لاء به زور ڀريو آهي ته سنڌ مخالف رٿائن جي به مخالفت ڪري چڪو آهي جيڪي ن ليگ کي نٿيون وڻين ۽ پ پ پ کي سنڌ ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ واري نڪتي تي ڪم پئي ڪري جنهن لاء ايم ڪيو ايم کي اڳيان پئي آڻي ۽ جي ڊي اي کي به متحرڪ پئي ڪري۔وڌيڪ صوبن جي قيام ۾ به به ن ليگ جو پنهنجو مقصد آهي ۽ سنڌ کي ڪمزور صوبو ڏسڻ ٿي چاهي جو سنڌ کي سمنڊ سميت هر وسيلو موجود آهي ۽ سنڌ کي اڀرڻ جي هر طاقت موجود آهي۔
ن ليگ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کي اڳيان آڻڻ لاء اندروني راند پئي ڪري جنهن لاء ن ليگ نوان سياسي رانديگر تيار ۽ مضبوط ڪري رهي آهي جنهن ۾ مير مرتضي ڀٽو غلام مرتضي جتوئي ۽ لياقت علي خان جتوئي ته ٽاپ تي آهن۔آمريڪي ناظم الآمور مس نيٽلي بيڪر جي نوان جتوئي آمد کيس جتوئيءَ هائوس تي پروٽوڪول ملڻ واري ڳالهه کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔اهي به چئوٻول آهن طاقت ور ڌريون جتوئي خاندان کي شرافت واري سياست جو علمبردار سمجهن ٿا ڪافي ڀيرا وفاق ۽ سنڌ ۾ وزارتون عهدا ماڻيندڙ مير غلام مرتضي جتوئي کي وفاق ۾ آڻڻ لاء دلچسپي رکن ٿا ممڪن آهي ته ملڪي سياست ۾ امڪاني تبديلين يا قومي حڪومت ٺهڻ جي صورت ۾ هن جو انتخاب ڪيو وڃي۔في الحال غلام مرتضي جتوئي سنڌ حڪومت جي انتقام جي عتاب ۾ آهي۔هوڏانهن دادو ۾ اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي به ٻيٽي کان دادو تائين دادو جي تاريخ ۾ پهرين وڏي ريلي ڪڍي پ پ پ لاء لمحه فڪر پئدا ڪيو۔ريلي کي خطاب ڪندي هن مخالفن کي پيغام بلڪه ڌمڪي ڏني ته جڏهن به هو حڪومت ۾ آيو ته مخالف سندس حڪومت جاٻه ڏينهن به دٻ سهي نه سگهندا۔ساڳي وقت هن اهو به چيو ته سنڌ کي ختم ڪرڻ وارا اڃا ڄاوا ئي ناهن سنڌ کي ختم ڪرڻ وارا خواب ڇڏي ڏيو۔لياقت جتوئي جي ريلي ۾ سرڪاري طور ڪٿي به رنڊڪ نه وڌي وئي هن آزادي سان ريلي جي قيادت ڪئي۔هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي به سنڌ جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ جلسن ۽ ريلين جو پروگرام رٿيو آهي جنهن سان به پ پ پ کي سنڌ ۾ ٽف ٽائيم ملندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو