پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس ۾ آفريدي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس ۾ آفريدي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ الزام لڳائڻ ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ غير حاضري تي غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.سينئر سول جج عباس شاهه وڏي وزير سهيل آفريدي جي خلاف رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ الزام لڳائڻ ۽ شهرت کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.اين سي سي آءِ اي سهيل آفريدي خلاف پي اي سي اي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو