اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اپوزيشن اڳواڻن عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشه خانه ٽو ۾ مليل سزا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهي کي انصاف جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه هائوس اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اسان توشه خانه ٽو ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ملندڙ سزا جي مذمت ڪريون ٿا. اهڙي طرح جي فيصلن سان عوام ۾ انتشار پکڙجندو.تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪو حق جي ڳالهه ڪري ٿو انهي کي سزا ڏيڻ انصاف نه آهي، ماڻهو انهي تي سوال اٿاريندا، ملڪ ۾ اربين روپين جون چوريون ۽ ڪرپشن ڪئي وئي سڀني کي خبر آهي، ضمير وڪرو ڪريو ۽ ضمير خريد ڪريو ته انهي کان پوءِ ئي اوهان سٺا پاڪستاني آهيون. اختر مينگل چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ انهي جي گهر واري کي ملندڙ سزا جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، ڇا انهي کان پهريان وزيراعظمن توشه خانه مان ڪجهه ناهي ورتو؟ ڇا انهن کي سزا ڏني وئي؟ انهن ملڪ کي ڊيفالٽ ڪيو ڇا انهن کي سزا ملي؟ اختر مينگل چيو ته جن ملڪ ۽ آئين کي ٽوڙيو انهن کي گارڊ آف آنر سان رخصت ڪيو ويو، اهي سڀ ناانصافي جون مثالون آهن. هن ملڪ ۾ قانون، انصاف ۽ آئين جي بالادستي هجي ها ته اسان اڄ اهڙي طرح نه ويٺل هجون ها. آئين طاقتور جي لاءِ ٺاهيو ويندو آهي جنهن وٽ طاقت هوندي آهي انهي کي ئي ڇوٽ حاصل ٿيندي آهي.علامه ناصر عباس چيو ته اسان انهي فيصلي جي مذمت ڪريون ٿا. ملڪ جي عوام ۽ پارليامينٽ غير لاڳاپيل ٿي چڪي آهي، انصاف نه پيو ملي. پارليامينٽ هائوس ۾ عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته اسان کي مايوس ڪيو وڃي پر اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا.مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ انهي جي گهر واري کي ملندڙ سزا جي مذمت ڪريون ٿا اهو صرف سياستدانن سان نه ٿي رهيو آهي پر ايمان مزاري کي عوام جي آواز بنجڻ تي ڪيس کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مطيع الله جان تي منشيات جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، جسٽس جهانگيري جو ڏوهه ايترو هو ته انهي پي ٽي آءِ باني جي ضمانت ۽ اليڪشن ڪيسز کي جلد اڪلايو هو.فردوس شميم نقوي چيو ته انهي فيصلي انصاف جي نظام کي ايڪسپوز ڪري ڇڏيو، اڄ خبر پئجي وئي ته پاڪستان جي عدالتن مان انصاف جي اميد نه آهي. اسان جي پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي 65 هزار ڪيسز آهن، هاڻ اسان کي عدالتن جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪوڙن فيصلن سان عجيب وسوسا پيدا ٿيندا آهن جيڪي انتهائي خطرناڪ آهن. اسان اڄوڪي پريس ڪانفرنس جي ذريعي فاصلن کي گهٽ ڪرڻ چاهيو ٿي پر انهي فيصلي سان ثابت ٿي ويو ته اوهان نٿا چاهيو ته اسان فاصلا گهٽ ڪريون. گڏيل قومن جي رپورٽ ٻڌائي ٿي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو نه آئيني آهي نه وري قانوني آهي. اهو سڀ ڪجهه غير انساني آهي.زبير عمر چيو ته اسان کي پي ٽي آءِ کي باني کي ملندڙ سزا تي ڏک پهتو آهي. ياسمين راشد، عمر چيمه، ميان محمودالرشيد، اعجاز چوڌري جي سزا تي به ڏک ٿيو آهي. ملڪ ۾ عدليه کي ختم ڪيو ويو آهي. بنا ٽرائل جي فيصلا ٿيندا ته انهن تي ڪير ڀروسو ڪندو. هن چيو ته جن کي گذريل ڏينهن سزائون مليون انهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي انهي جي ڪنهن کي خبر ناهي، 70-70 سزا جي عمر جي اڳواڻن کي سزائون ڏنيون ويون اهو ظلم نه آهي ته ڇا آهي؟جيستائين حڪومت کي ڪيرائڻ جو فيصلو نه ٿيندو ظلم اهڙي طرح ٿيندو رهندو.










