’خان کي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي، جنوري ۾ ملڻ وينداسين‘

’خان کي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي، جنوري ۾ ملڻ وينداسين‘

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته هو ۽ سندس ڀاءُ سليمان ويزا لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي ۽ هو جنوري ۾ پاڪستان وڃڻ جو ارادو رکن ٿا، هن پنهنجي والد ۽ اڳوڻي وزيراعظم کي جيل ۾ رکڻ جي حالتن بابت ڳالهائيندي چيو ته کيس “ڊيٿ سيل” ۾ رکيو ويو آهي.
هن اهي ڳالهيون اسڪائي نيوز لاءِ يلدا حاڪم کي ڏنل انٽرويو دوران ڪيون. سندس دعوا ِ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن عمران خان جي ڀينرن پاران اڊيالا جيل ٻاهران ملاقات کان روڪڻ خلاف ڏنل ڌرڻو واٽر ڪينن ذريعي منتشر ڪيو ويو؛ پارٽي جو الزام آهي ته اختيارين “ڪيميڪل ملايل” پاڻي استعمال ڪيو.
عدالتي حڪم باوجود جيل ملاقاتون بند رهڻ سبب عمران خان جي خاندان ۽ پارٽي کي جيل اندر سندس حالتن بابت ڳڻتي آهي۔ گڏيل قومن جي هڪ خصوصي رپورٽر پڻ خبردار ڪيو آهي ته عمران کي اهڙين حالتن ۾ رکيو پيو وڃي، جيڪي غيرانساني يا ذلت آميز سلوڪ جي زمري ۾ اچي سگهن ٿيون.
اربع ڏينهن جاري ٿيل انٽرويو ۾، لنڊن ۾ رهندڙ قاسم ۽ سليمان کان پڇيو ويو ته ڇا هنن پاڪستاني حڪومت سان رابطو ڪري عمران سان ملاقات جي اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
حاڪم نشاندهي ڪئي ته اڳ ۾ هو “نه اچڻ جي صلاح” بابت ڳالهائي چڪا هئا، جيتوڻيڪ بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو هو ته هو “ڀلي اچي سگهن ٿا ۽ عمران سان ملاقات ڪري سگهن ٿا”
ان تي قاسم چيو: “هاڻي اسان منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، ڇو⁠ته انهن اهو کليل نموني چيو آهي۔ تنهنڪري — جيڪڏهن هو پنهنجي ڳالهه تان نه ڦرن — ته اميد آهي اسان جنوري ۾ وينداسين۔ اسان ويزا لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، اڃا ملي ناهي، پر اميد آهي ته ملي ويندي، تنهنڪري جنوري ۾ سفر جو ارادو آهي۔”
حاڪم پوءِ پڇيو ته عمران سان ملڻ تي هو کيس ڇا چوندا ۽ ڇا هو کانئس “سمجهوتو ڪرڻ” بابت چوندا. قاسم وضاحت ڪئي: “سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته اها سندس زندگي آهي۔ اهو ئي سندس شوق ۽ مقصد آهي۔ هو ان کي پنهنجي زندگي جو مقصد سڏيندو آهي ته پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري۔”
“جيڪڏهن هو ڪو سمجهوتو ڪري اسان وٽ انگلينڊ اچي رهي، ته مون کي خبر آهي هن جي دل ۾ اها تڪليف رهندي ته هن پنهنجي ملڪ کي لاچار ڇڏي ڏنو۔ هو ڊپريشن ۾ هليو وڃي ها، سچ پچ مون کي خبر آهي۔”
“هي ئي سندس مقصد آهي، ۽ جيتوڻيڪ اسان چاهيون ٿا ته اسان جو پيءُ هتي اسان جون ڪرڪيٽ يا فٽبال ميچون ڏسي، پر هن جو مقصد تمام وڏو آهي۔ تنهنڪري ان جو احترام ڪرڻو پوندو.”
پڇڻ تي ته عمران کي هو ٻيو ڇا چوڻ چاهيندا، قاسم چيو: “مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته اسان کيس ڪيئن ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا، ڪيئن مدد ڪري سگهون ٿا، ڇو⁠ته هن وقت اسان پاڻ کي بيحد لاچار محسوس ڪريون ٿا۔ اڃا گهڻو ڪجهه آهي جيڪو ڄاڻڻو آهي.” هن اهو به ٻڌايو ته عمران هميشه جيل جي حالتن بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪندو هو.
“هو چوندو آهي: ‘مون بابت فڪر نه ڪريو، سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي؟’” قاسم چيو، ۽ وڌيڪ ٻڌايو ته عمران سندن ناني ليڊي اينابيل گولڊسمٿ بابت به پڇندو هو، جيڪا آڪٽوبر ۾ فوت ٿي وئي۔ “اسان هن سان ان جي وفات کان پوءِ ڳالهائي نه سگهيا آهيون، ۽ مان چاهيان ٿو ته هن سان ان بابت ڳالهائيان۔ هو پنهنجي ماءُ جي وفات کان پوءِ هن کي ماءُ چوندو هو، سندن تعلق تمام ويجهو هو،”
جڏهن يلدا حاڪم پڇيو ته ڇا هنن کي لڳي ٿو عمران “ڪڏهن ٻاهر نڪرندو”، ته جواب گهڻو پر اميد نه هو. قاسم چيو: “حالتون خراب ٿي رهيون آهن۔ اقتدار وارا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن۔ انڪري ڪو رستو ڏسڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ۽ جن ماڻهن سان اسان ڳالهائيندا آهيون، اهي هر ڀيري گهٽ اعتماد جو اظهار ڪن ٿا۔” “تنهنڪري هاڻي اسان کي ڊپ آهي ته شايد اسان کيس ٻيهر ڪڏهن نه ڏسي سگهون،”
سليمان پڻ چيو ته عمران “اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو سمجهوتو ڪري” ۽ سندس خيال ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ عالمي دٻاءُ ئي اثرائتو طريقو آهي.
‘بدترين حالتون’
جيل جي سيل بابت قاسم چيو: “حالتون تمام خراب آهن، رڳو خراب نه پر انتهائي خراب آهن.” سليمان چيو ته عمران جي سيل کي “ڊيٿ سيل” سڏيو ويو آهي. “روشني تمام گهٽ آهي، ڪڏهن بجلي بند ٿي وڃي ٿي، گندو پاڻي آهي، اهڙيون حالتون جيڪي عالمي قانونن مطابق ڪنهن به قيدي لاءِ قابل قبول ناهن،” هن دعويٰ ڪئي.
سوشل ميڊيا تي عمران جي ممڪن وفات بابت افواهن تي سليمان چيو ته اهو تجربو “انتهائي ذهني دٻاءُ وارو” هو، جڏهن⁠ته قاسم ان کي “ڌچڪو ڏيندڙ” قرار ڏنو.
اڳتي هلي، عمران جي ڀيڻ عظميٰ جي ملاقات کان پوءِ فوجي قيادت خلاف ايڪس (X) تي پوسٽ ۽ آءِ ايس پي آر جي سخت پريس بريفنگ جو ذڪر پڻ ٿيو۔ سليمان چيو ته ان ٽوئيٽ سبب عمران کي وڌيڪ الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
بين الاقوامي برادري لاءِ پيغام بابت سليمان چيو: “گهٽ ۾ گهٽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته عالمي انساني حقن جا معيار پورا ڪيا وڃن، ڇو⁠ته هن وقت اهي واضح طور تي لتاڙيا پيا وڃن.” قاسم عدالتي حڪمن تي عمل، ملاقاتن جي اجازت ۽ عمران کي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر سان ملڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
آئيني ترميمن بابت سوال تي قاسم چيو ته عمران کي شايد حيرت نه ٿيندي، ڇو⁠ته ملڪ “نالي کانسواءِ فوجي آمريت” ڏانهن وڌي رهيو آهي.
‘مقبوليت کان ڊڄن ٿا’
ٻنهي ڀائرن چيو ته هو جنوري ۾ برسلز يا جنيوا وڃي وڌيڪ وڪالت ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا۔ جڏهن پڇيو ويو ته اختيارين کي عمران کان ڇا ڊپ آهي، ته ٻنهي گڏ چيو: “مقبوليت۔”
قاسم چيو: “هو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول ماڻهو آهي۔ هو ٻاهر آيو ته حڪومت جو اقتدار ۾ رهڻ ناممڪن ٿي ويندو، تنهنڪري هو هر طريقي سان اقتدار سان چنبڙي رهيا آهن۔”
‘اهو اڪيلائي وارو قيد نٿو لڳي’
انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پرڏيهي ميڊيا لاءِ ترجمان مشرف زيدي به شامل ٿيو، جنهن چيو ته عمران لڳ ڀڳ 860 ڏينهن کان قيد آهي ۽ هن ان عرصي ۾ 870 ملاقاتون ڪيون آهن. هجڻ ته هفتي ۾ هڪ ملاقات گهرجي ۽ 112 هفتن يعني 860 ڏينهن ۾ 870 ملاقاتون ڪيون آهن. “اهو مون کي اڪيلائي وارو قيد نٿو لڳي،” زيدي چيو، ۽ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته عمران کي وڪيلن، ڀينرن ۽ ذاتي ڊاڪٽر سان ملاقات جي اجازت آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته عمران خان ڀيڻن سان 137 ملاقاتون ڪيون آهن، جن مان عليما خان سان 45، 49 اعظميٰ ۽ 43 ملاقاتون نورين سان ڪيون آهن. خان 140 ملاقاتون پنهنجي وڪيلن سان ڪيون آهن ۽ 30 کان مٿي ڀيرا ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو آهي، ان کي قيد تنهائي ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟
آخر ۾، حاڪم گڏيل قومن جي رپورٽ بابت سوال ڪيو، جنهن تي زيدي چيو ته ڪو به ڪوڙ نٿو ڳالهائي، پر “غلط معلومات” گردش ڪري رهي آهي، ۽ عمران کي قيد ڪرڻ قانون جي دائري ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو