آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.29 ارب ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 1.29 ارب ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 1.29 ارب ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ سومر ڏينهن واشنگٽن ۾ پاڪستان تي بحث ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ 1.29 ارب ڊالر جي قسط جي منظوري ڏني وئي. آءِ ايم ايف مشن اڳ ۾ ئي هن قسط جي جاري ٿيڻ جي منظوري ڏئي چڪو هو. 1.29 بلين ڊالر جي قسط مان، 200 ملين ڊالر موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي منصوبن لاءِ مختص ڪيا ويندا.ان کان علاوه، آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ هڪ ٻئي معاشي جائزي جي منظوري پڻ ڏني.ذريعن موجب، 7 ارب ڊالر جي اي ايف ايف پروگرام تحت 1 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ملندي، جنهن ۾ 1.3 ارب ڊالر جي آر ايس ايف تحت 200 ملين ڊالر کان وڌيڪ جي پهرين قسط به شامل آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي قرض پروگرامن جي ڪل بقايا رقم 3.3 ارب ڊالر هوندي.ذريعن موجب، پاڪستان کي اي ايف ايف پروگرام تحت ٻه قسطون اڳ ئي ملي چڪيون آهن. آءِ ايم ايف جاري قرض پروگرام تي عملدرآمد کي مضبوط ڪيو آهي. حڪومت معاشي سڌارن تي عملدرآمد جاري رکڻ جو به يقين ڏياريو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته 1.29 ارب ڊالر ملڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو