قدرت جي عجيب تخليق، مرداڻي عضوي نما 7 جانور

اسلام آباد (ويب ديسڪ) هن ڪائنات ۾ قدرت جي تخليق بابت روز نوان انڪشاف سامهون اچن ٿا ۽ اڃا تائين سائنس شايد 10 سيڪڙو به ڪائنات جا راز ڄاڻي ناهي سگهي. هن مهل تائين جي ٿيل تحقيق موجب 7 جانور اهڙا آهن جيڪي مرداڻي عضوي نما آهن. انٽريسٽنگ انجنيئرنگ نالي ويب سائيٽ تي نصرا ايرگو جي شايع ٿيل اسٽوري موجب برازيل جي ٻيلي ۾ “پينس سنيڪ” پهريون ڀيرو گراهم هيلز ڳولي لڌو.

جيڪو 2012 ۾ ٻيهر ان وقت لڌو جڏهن اميزون ۾ ڊيم پئي ٺاهيو ويو. هي نانگ بلڪل مرداڻي عضوي جيان آهي تنهن ڪري سندس نالو  به پينس سنيڪ رکيو ويو. “پينس فش” نالي هي مڇي ڪوريا، جاپان ۽ اتر آمريڪا جي سمنڊن ۾ ملي ٿي.

ڪجهه وقت اڳ اهي خبرون به عام ٿيون هيون ته ڊريڪ سامونڊي ڪناري تي لکين لنن جو حملو.“پينس وورم” هي سامونڊي ڪيڙو به مرداڻي عضوي نما آهي.

ان کي يوناني ديوتا پراپوليڊا سان نسبت ڳنڍي وئي آهي جيڪو  ڳڀ جهلڻ جو ديوتا مڃيو ويندو آهي.“جيوڊڪ” نالي هي جانور به سپي مان مرداڻي عضوي جيان نڪري ٿو جيڪو کاري پاڻي يعني سمنڊ ۾ رهي ٿو.

اولهه ڪيناڊا ۽ اتر آمريڪا جي سمنڊ ڪناري ملي ٿو جنهن جي زندگي عام طور تي 140 سال ٿئي ٿي ۽ وڏي عمر جو 168 سالن جو به هڪ جانور مليو هو. “پنڪ پينس فش” هي ايسٽ پئيسيفڪ جي سمنڊ ۾ ٿئي ٿي اوهان موڪل گذارڻ جيڪڏهن وڃو ۽ مڇي جو شڪار ڪري رهيا هجو.

هي مرداڻي عضوي نما گلابي مڇي جيڪڏهن پڪڙيو ته اوهان ڇا سوچيندا؟ اها مڇي به کاڌي وڃي ٿي ۽ مرداڻي طاقت وڌائي ٿي. “ويجينيا” ته عورت جي مخصوص عضوي کي ڪوٺيو ويندو آهي ۽ هي مڇي ان جيان لڳي به نٿي پر پوءِ به سائنسدانن هن مڇي جو نالو ويجينيا رکيو آهي.

هي 20 کان 22 سينٽي ميٽر ڊگهي ٿئي ٿي ۽ سمنڊ جي تهه ۾ جتي گارو هوندو آهي گهڻي ڀاڱي ان ۾ رهي ٿي. “بلوط ڪيڙو” هي 9 کان 45 سينٽي ميٽر ڊگهو ڪيڙو به مرداڻي عضوي نما آهي ۽ ڪو ڪو ڏيڍ ميٽر ڊگهو به ٿئي ٿو.

هي ور وڪڙ کائيندو ريگندڙ ڪيڙو آهي ۽ يو شيپ جي ٻرن ۾ سمنڊ جي تهه ۾ رهي ٿو. عام ماڻهو کي شايد نظر به نه اچي ڇو ته تمام گهرائي ۾ رهي ٿو.

قدرت جي عجيب تخليق، مرداڻي عضوي نما 7 جانور” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو