ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پنهنجي اڌ عمر قيد ۾ گذاريندڙ 65 سال کان وڌيڪ جي مرد ۽ 60 سالن جي عورتن کي آزاد ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوهه تازو لاڳو ٿيندڙ قيد جي نئين قانون موجب حڪومت بيمارين ۾ مبتلا مجرمن کي به آزاد ڪندي. رپورٽ مطابق جون 2018 ۾ صوبائي ڪابينه سنڌ پرزن اينڊ ڪريڪشن ايڪٽ منظور ڪري هڪ صدي جي پراڻي پرزن ايڪٽ کي ختم ڪيو هو. ان نئين قانون جي پويان لڪل سبب ٻڌائيندي ذريعن جو چوڻ هو ته سال 1894 ۾ منظور ٿيندڙ سزا جي قانون کي هڪ اهڙي قانون سان تبديل ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي جيڪي عدالتن مان ڏنل سزائن تي عملدرآمد ٿي سگهي. قيدين جي بنيادي حقن جو خيال رکندي قيدين کي معاشري ۾ ٻيهر ضم ڪرڻ جو عمل يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ پرزن اينڊ ڪريڪشن سروسز ايڪٽ 2019 14 بابن ۽ 84 قلمن تي مشتمل آهي جنهن ۾ قيد جي نظام جا مقصد، بنيادي اصولن ۽ تعريف بيان ڪئي وئي آهي. ان قانون موجب مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تعليم، هنر جي تربيت، صحت جي سهولت، سماجي ۽ نفسياتي سروس ڏنيون وينديون. ان کان علاوهه ان ۾ قيدين جي معاملن کي ڏسندڙ ڪميٽي جا دورا، انسپيڪشن، کاڌ خوراڪ جي جانچ پڙتال ۽ شڪايتن جي انڪوائري به شامل آهي. ذريعن ٻڌايو ته ان ايڪٽ مطابق صوبائي حڪومت اهڙن بزرگ قيدين جي آزادي جو عمل شروع ڪيو آهي جيڪي پنهنجي اڌ زندگي قيد ۾ گذاري چڪا آهن يا ڪنهن به بيماري ۾ مبتلا آهن پر اهي ڪنهن دهشتگردي جهڙن واقعن ۾ ملوث نه هجن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته انتظاميه طرفان تيار ڪيل 40 قيدين جي پهرين لسٽ ۾ 60 سال جي عمر تائين پهچندڙ عورتن ۽ 65 سالن جي عمر وارن مردن کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪي مختلف جيلن ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي اڌ صدي سزا پوري ڪري چڪا آهن. ذريعن مطابق اهو نئون قانون سنڌ حڪومت جي جيل اصلاحات پروگرام جو حصو آهي. هڪ اندازي مطابق ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 24 سئو قيدين جي گنجائش آهي پر گذريل سال اُتي قيدين جي تعداد 4 هزار 8 سئو 46 تائين پهچي وئي هئي.










