غلام مصطفىٰ جمالي
پاڪستان، اهو ملڪ جنهن جي مٽيءَ ۾ قربانين جو رت رچيل آهي، جنهن جي هوا ۾ شهيدن جي خوشبوَ آهي، ۽ جنهن جي وجود جو هر ذرّو پنهنجي قربانيءَ سان جڙيل آهي، اڄ به پنهنجي ماضيءَ جي سچائي، ايمان ۽ حوصلي سان زنده آهي۔ پاڪستان، جنهن قربانين جي درياهه مان جنم ورتو، جنهن جي هر ڪنڊ ۾ ڪنهن نه ڪنهن شهيد جو نالو لکيل آهي، اهو ملڪ اڃا تائين پنهنجي ماڻهن جي قربانين ۽ محنت تي قائم آهي۔ پاڪستان جنهن جي پيدائش جو هر ورق قربانيءَ جي ڳاڙهي لڪير سان لکيل آهي، جنهن جي هوا ۾ آزاديءَ جي رت جي خوشبو آهي، اهو ملڪ اڄ به پنهنجي ماڻهن جي حوصلي ۽ وفا تي بيٺو آهي۔
پاڪستان، جيڪو قربانين جي سمنڊ مان اڀريو، رت جي رستن تي آزاديءَ جو گل بڻيو، اڄ به پنهنجي شهيدن جي ياد سان سرسبز آهي۔ پاڪستان، جيڪو قربانين جي ڪهاڻيءَ مان نڪتل هڪ حقيقت آهي، جنهن جي قيام لاءِ هزارين زندگيون قربان ٿيون، اڄ به ساڳين قربانين جي سايي ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي حفاظت ڪري رهيو آهي۔
هي ملڪ ڪنهن نعري يا اقتداري خواهش سان نه، پر هزارين اميدن، قربانين ۽ رت سان ٺهيو. پاڪستان جو قيام هڪ خواب هو، جنهن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ ماڻهن پنهنجا گهر، پنهنجا پيارا، پنهنجون زندگيون قربان ڪيون. ان وقت هر طرف باهه، لُٽ ۽ رت هو، پر انهن ماڻهن جي زبان تي هڪ ئي نالو هو ــ پاڪستان۔
1947ع ۾ قيام کان پوءِ پاڪستان پنهنجي نئين تاريخ لکڻ شروع ڪئي، پر آزاديءَ جي فضا ۾ امن جو احساس لمحو لمحي سان چيلنج ٿي رهيو هو. فوجي ۽ شهري زندگيءَ وڏيون قربانيون ڏنيون ويون. سرحدي جنگون، سياسي بحران ۽ اندروني جدوجهد جي باوجود پاڪستان پنهنجي وجود کي بچائي رهيو هو، پر امن جو خواب هميشه خطرن سان ڀريل رهيو۔
1980ع واري ڏهاڪي کان افغانستان ۾ شروع ٿيل جنگ جو اثر پاڪستان جي سرحدن تائين پهتو، جتي نوجوان افغانستان جي محاذ تي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ روانا ٿيا، ۽ ساڳئي وقت اندروني شدت پسندي ۽ انتهاپسنديءَ جا ٻج پاڪستان ۾ پوکيا ويا. هن پسمنظر ۾ پاڪستان ڪيترن سالن تائين اندروني دهشتگرديءَ سان وڙهندو رهيو۔
2001ع کان پوءِ دهشتگرديءَ جي صورتحال تمام گهڻي سنگين ٿي وئي. پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو، ڪوئيٽا ۾ پوليس اڪيڊمي تي ڌماڪو، لاهور ۾ ڊيٽا دربار تي خودڪش حملو، مستونگ ۽ ٻين شهرن ۾ جنازائن تي حملا، اهي سڀ واقعا پاڪستان جي تاريخ ۾ رت سان لکيل صفحا آهن. هر حملي صرف شهيد نه آندا، پر قوم جي دلن تي زخم ڇڏي ويا.پر انهن سڀني زخمَن جي باوجود پاڪستان ڪڏهن به ٽٽي نه، جهڪيو نه، پر هر شهيد جي رت سان ٻيهر مضبوط ٿيو۔
دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فوج، پوليس ۽ عوام گڏجي بيٺا. هزارين جوان شهيد ٿيا، پر وطن جي حفاظت لاءِ عزم برقرار رهيو. انهن جوانن جو رت مٽيءَ ۾ ملي، ان کي وڌيڪ زرخيز بڻايو. پر امن اڃا مڪمل نه ٿي سگهيو، ڇو ته دشمن جي خفيه سازشون ۽ اندروني ڪمزورين دهشتگردي کي وڌائيندي رهيون ڪالهه اسلام آباد ۾ خودڪش ڌماڪو ٿيو هي واقعو به انهن سڀني واقعن جي تسلسل جو حصو آهي. وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾، جتي سلامتي سڀ کان وڌيڪ هجڻ گهرجي، هڪ بمبار پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. پوليس جي ابتدائي ڄاڻ موجب، جوڊيشل ڪمپليڪس جي ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 بيگناهه شهيد ٿيا، ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي۔
ڌماڪي جي زور سان عمارتن جا شيشا ٽٽي ويا، ڪارون ۽ موٽرسائيڪل ٽرڪ سڙي ويون، ۽ ماڻهن ۾ خوف جو ماحول پکڙجي ويو. زخمين ۾ وڪيل، پوليس اهلڪار، فوڊ ڊليوري رائيڊر ۽ عام شهري شامل هئا. ريسڪيو ٽيمون فوري طور پهتيون، پر ڪيترن زخمين کي اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي شهيد قرار ڏنو ويو۔
اسلام آباد جو اهو واقعو صرف انساني زندگي تي حملو نه هو، پر اهو ملڪ جي عدالتي نظام، قانون ۽ جمهوريت تي پڻ هڪ وار هو. اهي ئي رستا، جن تي وڪيل قانون جي ڪتابن سان هلندا هئا، اڄ رت سان ڀرجي ويا، اهي ئي دروازا، جتان انصاف جي اميد جا لفظ نڪرندا هئا، اڄ بارود جي دونهي ۾ لڙهي ويا۔
اهو منظر ڏسي هر پاڪستاني جو دل ڌڙڪي ويو. پر تاريخ سبق ڏئي ٿي ته هي قوم هر ڀيري زخمن کان پوءِ مضبوط ٿي بيٺي آهي. اسلام آباد جو اهو واقعو به انهن سڀني شهيدن جي ياد کي زنده ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي قرباني سان ملڪ کي محفوظ رکيو۔
دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ صرف هٿيارن سان نه، پر سوچ سان وڙهڻي آهي. انتهاپسندي جي زهر کي تعليم، رواداري ۽ محبت سان ختم ڪرڻو پوندو. جڏهن ذهن آزاد ٿيندو، جتي سوچ ۽ فڪر جي پرورش ٿيندي، تڏهن ڪو به بمبار اسان کي هلايائيندو نه
اسلام آباد جو تازي واقعو اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته دشمن رڳو ٻاهر نه، پر اندروني ڪمزورين ۽ ورهاڱي مان به رستو وٺي ٿو. جڏهن قوم پاڻ ۾ ورهائجي ٿي، انتهاپسند ۽ دهشتگرد آساني سان پنهنجو ڪم ڪري سگهن ٿا۔
پاڪستان جي هر شهيد جي قرباني سان هڪ نئون عزم جنم وٺي ٿو. اسان جي مائرون اڄ به پنهنجي پٽن کي وطن لاءِ قربان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿيون. نوجوان اڄ به فوج، پوليس ۽ ريسڪيو ۾ پنهنجون خدمتون نڀائي رهيا آهن، ۽ انهن جي اکين ۾ اهو ئي خواب آهي ته “پاڪستان امن جو گهوارو بڻجي۔”
دهشتگرديءَ جا اهي سايا ايترا مضبوط ناهن جي پاڪستان کي ڪمزور ڪري سگهن۔ هن قوم وٽ هزارين شهيدن جي دعا آهي، لکين مائرن جا آهون آهن، ۽ ڪروڙين ماڻهن جو يقين آهي۔
اسلام آباد جو تازي ڌماڪو اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته دهشتگردي جي مقابلي لاءِ هميشه حوصلي، قرباني ۽ اتحاد جي ضرورت آهي۔ اسان کي پنهنجن ٻارن کي امن، رواداري، محبت ۽ ايمانداري جو سبق ڏيڻو آهي، جيئن اهي قوم کي ٻيهر مضبوط بڻائن۔
پاڪستان، جيڪو قربانين جي تاريخ سان جنم ورتو، اڄ به قربانين جي تسلسل ۾ آهي۔ پر هر قربانيءَ کان پوءِ قوم وڌيڪ مضبوط، پرعزم ۽ متحد ٿي بيٺي آهي۔ اسلام آباد جو اهو واقعو قوم جي حوصلن کي ٻيهر تازو ڪيو، ۽ هر ماڻهو پاڻ کي ياد ڏياريو ته امن لاءِ جدوجهد جاري رکڻي آهي۔
آخر ۾ هڪ احساس، دعا ۽ وعدو
“اسان شهيدن جو قرض وسارينداسين نه۔ هي وطن اسان جي ساهن سان جڙيل آهي۔ دهشتگردي جي باهه ڪيتري به ڀڙڪي، پر امن جو ڏيئو ڪڏهن وسامندو نه۔ پاڪستان ــ جنهن قربانين جي تاريخ سان جنم ورتو، اهو وطن هميشه زنده رهندو










