سيد مختيار علي
ڊينگي هڪ وائرس سان ٿيندڙ بيماري آهي، جيڪا ڊينگي وائرس (DENV) سبب پيدا ٿئي ٿي ۽ اها انسانن ۾ مڇرن جي ڏنگ ذريعي منتقل ٿئي ٿي۔ ھينئر دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي کي ڊينگي جھڙي خطرناڪ وائرس مان خطرو آهي، جيتوڻيڪ گهڻا DENV جا انفيڪشن بغير علامتن يا هلڪي بيماري جو سبب بڻجن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو گهڻو شديد ۽ موت جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿو۔ڊينگي جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول مڇرن جي ضابطي تي دارومدار رکي ٿو۔ ڊينگي يا خطرناڪ ڊينگي لاءِ ڪو خاص علاج موجود ناهي، پر جلدي سڃاڻپ ۽ صحيح طبي سهولتن تائين رسائي سان شديد ڊينگي جي موت جي شرح کي تمام گهٽائي سگهجي ٿو۔گهڻا ماڻهو جن کي ڊينگي ٿئي ٿي، انهن ۾ ڪا علامت ظاهر نٿي ٿئي۔ جن ۾ ٿئي ٿي، انهن کي عام طور تي تيز بخار،مٿي جو سور،سڄي جسم ۾ سور،الٽي ۽ متلي، ۽ چمڙي تي ڦُوڙا (rashes) ٿين ٿا۔ گهڻا ماڻهو 1 کان 2 هفتن ۾ ٺيڪ ٿي وڃن ٿا، پر ڪجهه ماڻهن کي سخت ڊينگي ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ اسپتال ۾ علاج ضروري آهي۔ سخت ڪيس ۾ ڊينگي جان ليوا به ٿي سگهي ٿي۔ڊينگي کان بچاءُ لاءِ مچھر جي چڪن کان پاڻ کي بچايو۔ بيماري جي علامتون عام طور تي انفيڪشن کان 4–10 ڏينهن پوءِ ظاهر ٿين ٿيون ۽ 2–7 ڏينهن تائين جاري رهن ٿيون۔ جن ماڻهن کي ٻيهر ڊينگي ٿئي ٿي، انهن ۾ سخت ڊينگي ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو. سخت ڊينگي جي علامتن ۾ پيٽ ۾ تيز سور، لڳاتار الٽي،تيز ساھ،نڪ يا ڏندن مان رت اچڻ، ٿڪاوٽ ۽ بي چيني، الٽي يا پخاني ۾ رت،تمام گهڻي اڃ، چمڙي جو پيلاڻ ۽ ٿڌي ٿيڻ، ڪمزوري ۽ بيهوشي جو احساس ٿيڻ، جيڪڏهن اهڙيون علامتون ظاهر ٿين ته فوري طور طبي امداد حاصل ڪريو۔صحتيابي کان پوءِ به، ماڻهو ڪجهه هفتا ڪمزوري يا ٿڪاوٽ محسوس ڪري سگهن ٿا۔ تشخيص ۽ علاج ڊينگي جي سڃاڻپ لاءِ ليبارٽري ٽيسٽون تمام ضروري آهن، پر ڪيترن ملڪن ۾ ليبارٽري سهولتن جي کوٽ سبب مشڪلاتون آهن۔ پهريون هفتو، جڏهن وائرس جسم ۾ سرگرم هوندو آهي، تڏهن ليبارٽري ٽيسٽون سڀ کان وڌيڪ ڪارائتيون هونديون آهن۔ڊينگي جو ڪو خاص علاج ناهي، پر درد کي گهٽائڻ لاءِ پيراسيٽامول (acetaminophen) استعمال ڪري سگهجي ٿو۔ آئبروپروفين ۽ ايسپرين جهڙيون دوائون استعمال نه ڪيون وڃن، ڇاڪاڻتہ اهي رت وهڻ جو خطرو وڌائين ٿيون۔سخت ڊينگي جي ڪيس ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ ضروري آهي۔ عالمي صورتحال ڊينگي جا ڪيس گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ تيزيءَ سان وڌيا آهن۔ 2000ع ۾ 505,430 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جڏهن ته 2024ع ۾ ڊينگي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو وبائي دور ٿيو. جڏهن 14.6 ملين ڪيس ۽ 12,000 کان وڌيڪ موت رپورٽ ٿيا۔صرف آمريڪا جي علائقي ۾ ئي 13 ملين کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا هئا۔ ڊينگي جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سبب آهن: مچھرن جو وڌندڙ ڦهلاءُ،موسمي تبديلي (گرمي، برسات، نمي ۾ واڌ)،ڪمزور صحت نظام،ناقص نگراني ۽ رپورٽنگ ۽ آباديءَ جي لڏپلاڻ۔ 2025 جي جنوري کان جولاءِ تائين 97 ملڪن مان 4 ملين کان وڌيڪ ڪيس ۽ 3000 موت رپورٽ ٿيا۔ منتقلي (Transmission)مچھر جي چڪ ذريعي ڊينگي وائرس متاثر ٿيل مادہ Aedes aegypti مچھر جي چڪ سان انسان تائين منتقل ٿئي ٿو۔مچھر جڏهن ڪنهن متاثر شخص جو رت چوسي ٿو، تڏهن وائرس ان جي جسم ۾ وڌي ٿو ۽ پوءِ ٻين کي منتقل ٿي سگهي ٿو۔ انسان کان مچھر تائين جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي جسم ۾ وائرس موجود آهي (چاهي علامتون ظاهر نه به ٿيون هجن)، ته مڇر ان جو رت چوسڻ سان متاثر ٿي سگهي ٿو۔اهو عمل علامتن کان 2 ڏينهن اڳ ۽ بخار ختم ٿيڻ کان 2 ڏينهن پوءِ تائين ٿي سگهي ٿو۔ماءُ کان ٻار تائين ڪڏهن ڪڏهن حامله عورت کان ٻار تائين وائرس منتقل ٿي سگهي ٿو، پر اهو تمام گهٽ ٿيندو آهي۔جيڪڏهن ماءُ کي حمل دوران ڊينگي ٿئي، ته ٻار ۾ وقت کان اڳ ڄمڻ، گهٽ وزن يا پريشاني جا امڪان وڌن ٿا۔ ٻين ذريعن سان ڪڏهن ڪڏهن ڊينگي رت جي منتقلي، عضون جي عطئي، يا ٽرانسفيوزن سان به منتقل ٿي سگهي ٿو، پر اهڙا ڪيس ناياب آهن. خطرا اڳ ۾ ڊينگي ٿيڻ سان ٻيهر ڊينگي وقت سخت بيماري جو خطرو وڌي ٿو۔بي ترتيب ۽ تيز شهري آباديءَ ۾ اضافو ڊينگي جي ڦهلاءَ جو وڏو سبب آهي۔ پاڻي جي غلط ذخيرن، ٻوٽن ۽ صفائي جي کوٽ به خطري کي وڌائين ٿيون۔ موسمي تبديلي ۽ آباديءَ جي لڏپلاڻ سان مچھر نون علائقن ۾ وڌي رهيا آهن۔بچاءُ ۽ ڪنٽرول ڊينگي ڦهلائيندڙ مچھر کان بچاء لاءِ پنهنجي حفاظت لاءِ هيٺيان قدم لازمي طور تي کڻو: جسم ڍڪيندڙ ڪپڙا پائڻ، سمھڻ وقت مچھرن جي جال (nets) استعمال ڪرڻ، دريون ۽ دروازن تي جال لڳائڻ، مچھر ڀڄائيندڙ لوشن استعمال ڪرڻ،ڪوئل ۽ ويپاريزرز استعمال ڪرڻ، مچھرن جي افزائش روڪڻ لاءِپاڻي گڏ ٿيڻ وارا هنڌ صاف ڪريو گهريلو پاڻيءَ جا ٽينڪ ڍڪيو ۽ هر هفتي صاف ڪريو فضول شين کي صحيح طريقي سان ضايع ڪريو پاڻيءَ جي ڪنٽينرن ۾ جراثيم ڪُش دوائون وجھو۔ جيڪڏهن ڊينگي ٿي وڃي ته آرام ڪريو گهڻو پاڻي يا سيال شيون استعمال ڪريو. پيراسيٽامول وٺو، آئبروپروفين ۽ ايسپرين نه استعمال ڪريو، جڏهن ته سخت علامتن تي فوري ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو۔ صوبي سنڌ ۾ پڻ ڊينگي بُخار جا ڪيس وڌي رهيا آهن، هن مهيني تائين مڇرن ذريعي پکڙجندڙ هن وائرس جا ڪافي تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪجھ ڏينھن پهريان صوبائي وزير صحت ۽ آبادي جي بهبود ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي حوالي سان چيو ويو آهي ته “ڪراچي ڊويزن سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جتي وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ پڻ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔ ڊاڪٽر پيچوهو وضاحت ڪئي ته صحت کاتي وٽ سڀني سرڪاري اسپتالن مان آيل تصديق ٿيل ڊينگي ڪيسن جا مڪمل ريڪارڊ موجود آهن ۽ سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو مريض خانگي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرائي ٿو ته اهو نتيجو اسان جي سرڪاري انگن اکرن ۾ شامل نه ٿيندو آهي، وڌيڪ چيو ته کاتي پاران جاري ڪيل انگ اکر تصديق ٿيل آهن۔ هن عوام کي اپيل ڪئي ته “سوشل ميڊيا تي هلندڙ اڻ تصديق ٿيل ڄاڻ يا افواهن تي يقين نه ڪيو وڃي ۽ ٻڌايو ته سڀني اسپتالن ۾ داخل ٿيل يا او پي ڊي ۾ علاج هيٺ مريضن جو تفصيلي ريڪارڊ باقاعدي رکيو پيو وڃي۔ ڊاڪٽر پيچوهو ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پوري سنجيدگي سان سڄي صوبي ۾ ڊينگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي۔ڊينگي خلاف قدمن ۾ فوميگيشن، اسپري ۽ نيڪال جي بهتري شامل آهي، جيڪي سڀني ضلعن ۾ تيز ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي صحت آفيسرن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ڪٿي به بيٺل پاڻي نه رهي، ڇو ته اهو مڇرن جي پيداوار جو سبب بڻجي ٿو۔ شهري ۽ ديهي ٻنهي علائقن تي برابر ڌيان ڏنو پيو وڃي، ۽ سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ ڊينگي يونٽ قائم ڪيا ويا آهن جتي مفت علاج ۽ ٽيسٽ جي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن۔ جڏهن ته ان سلسلي ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي سڄي صوبي ۾ ڊينگي جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول لاءِ وسيع پيماني تي قدم کنيا پيا وڃن.ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي ڪمشنرن ڊينگي خلاف جاري فوميگيشن، آگاهي ۽ لاروا ختم ڪرڻ واري مهم بابت تفصيلي رپورٽون چيف سيڪريٽري کي پيش ڪيون آهن.ڪراچي جي ڪمشنر پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن جي 150 يونين ڪائونسلن ۾ فوميگيشن ۽ اسپري آپريشن مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي علائقن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي.ڊينگي جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ انهن 322 گهرن ۾ انڊور ريزڊيوئل اسپري (IRS) ڪئي وئي جتي ڊينگي جا پازٽو ڪيس رپورٽ ٿيا. ٻئي پاسي، حيدرآباد جي ڪمشنر ٻڌايو ته حيدرآباد ضلعي ۾ جامع اينٽي ڊينگي قدم کنيا ويا آهن. لاروا ختم ڪرڻ ۽ مڇرن جي نسل کي روڪڻ لاءِ روزاني بنيادن تي ڪارروايون جاري آهن
. ڊينگي جي هٽ اسپاٽن جي سڃاڻپ لاءِ هڪ تفصيلي سروي ڪئي وئي، جنهن ۾ 30 يونين ڪائونسلن کي حساس علائقا قرار ڏنو ويو، جن ۾ ٽن تعلقن شامل آهن: 9 تعلقو سٽي، 9 تعلقو قاسم آباد، ۽ 12 تعلقو لطيف آباد. اهي علائقا گڏيل طور 410,299 آبادي ۽ 82,051 گهرن تي مشتمل آهن. روڪٿام جي مهم تحت 229 هنڌن تان پاڻيءَ جا تلاءُ صاف ڪيا ويا ۽ 7,057 گهرن جي 17,008 ڪمراهن ۾ انڊور اسپري مڪمل ڪئي وئي. سڄي حيدرآباد ضلعي ۾ 2,241 فوميگيشن اسپري جا دورا ڪيا ويا، جيڪي سج اڀرڻ ۽ لهڻ جي وقت ڪيا ويا ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ٿين. عوامي آگاهي لاءِ 3,698 سيشن منظم ڪيا ويا، خاص طور تي حساس علائقن ۾، جتي ماڻهن کي صفائي ۽ بچاءَ جا طريقا سيکاريا ويا.ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي ڪنٽرول روم کي پڻ شڪايتون موصول ٿيون، جيڪي سڀ ڪاميابي سان حل ڪيون ويون. ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي جي 17 سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 340 بستر مخصوص ڪيا ويا آهن ته جيئن تڪڙي طبي سهولتون مهيا ڪري سگهجن.ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتا چيف سيڪريٽري سنڌ جي قريب نگراني هيٺ چوويهه ڪلاڪ سرگرم آهن ته جيئن عوامي صحت جي حفاظت ڪري سگهجي ۽ ڊينگي جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪيو وڃي.










