برازيل ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي، 6 ڄڻا فوت

برازيل ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي، 6 ڄڻا فوت

پارانا (ويب ڊيسڪ)برازيل ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي، جنهن ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، برازيل جي رياست پارانا ۾ طوفان گهرن جي ڇتين کي اڏائي ڇڏيو، بجلي جا پول ڪري ڇڏيا ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ پيٽرول پمپ کي نقصان پهچايو, رپورٽ موجب، طوفان جي ڪري ٿيندڙ تباهي ۽ حادثن ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا ۽ 750 ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي ميڊيا موجب، مقامي اختيارين طرفان امدادي ڪارروايون ۽ بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو