لنڊن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي کان پوءِ ڪيترائي ٻيا ملڪ پاڪستان سان دفاعي معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا.لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهين دوران اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان معرڪه حق ۾ پنهنجو پاڻ کي دفاعي طور تي ثابت ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ معاشي طاقت بنجڻ جو وقت آهي.هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل معاهدي ۾ ٻنهي ملڪن جو فائدو آهي، ڪنهن ملڪ کي انهي معاهدي تي خدشا نه آهن پر ڪيترائي ٻيا ملڪ به پاڪستان سان اهڙي طرح جا معاهدا ڪرڻ چاهين ٿا.ياد رهي ته 17 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ راڄڌاني رياض ۾ گڏيل دفاعي معاهدو ٿيو جنهن جي تحت ڪنهن به هڪ ملڪ جي خلاف جارحيت کي ٻنهي ملڪن جي خلاف جارحيت تصور ڪيو ويندو.










