ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو خلاف ڪارروائي جو امڪان

ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو خلاف ڪارروائي جو امڪان

دبئي (ويب ڊيسڪ)هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو خلاف ڪارروائي جو امڪان آهي. پاڪستان سوريا ڪمار ياديو جي بيان خلاف شڪايت ڪئي هئي. ايشيا ڪپ ميچ ريفري رچي رچرڊسن معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي.هندستاني ميڊيا موجب، ايشيا ڪپ ۾ سوريا ڪمار ياديو جون مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون، آءِ سي سي پي سي بي جي شڪايت قبول ڪري ورتي آهي. پاڪستان خلاف گروپ اسٽيج ميچ کان پوءِ سوريا ڪمار ياديو سياسي جملا چيا هئا، پاڪستان سوريا ڪمار ياديو خلاف آءِ سي سي کي باضابطه شڪايت ڪئي هئي. هندستاني ميڊيا موجب، آءِ سي سي پاڪستان جي شڪايت جو جائزو وٺي رهي آهي، باضابطه ٻڌڻي جلد ٿيندي، پاڪستان کان 2 سرڪاري رپورٽون مليون آهن. ميچ ريفري رچي رچرڊسن، پاڪستان جي شڪايت ملڻ تي، هندستاني ٽيم انتظاميا کي اي ميل ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهو لڳي ٿو ته سوريا ڪمار راند جي ساک کي نقصان پهچايو آهي. ميچ ريفري چيو آهي ته پاڪستان پاران جمع ڪرايل ثبوتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سوريا ڪمار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سوري ڪمار ياديو راند جي مفاد خلاف نامناسب تبصرا ڪيا.هندستاني ميڊيا موجب، سوريا ڪمار ياديو خلاف جلد ڪارروائي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو