خيبر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر (ويب ڊيسڪ)سي ٽي ڊي خيبر ۾ لالا چنانا جي ويجهو هڪ آپريشن ۾ چمڪني خودڪش حملي جي ماسٽر مائينڊ سميت ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، سي ٽي ڊي موجب، لالا چنانا جي ويجهو آپريشن دوران، پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪمانڊر فضل نور پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ فرار ٿي ويو، پر ٽي دهشتگرد مارجي ويا، سي ٽي ڊي چيو ته آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ نعيم، ڪريم ۽ نور نبي طور ڪئي وئي آهي، سي ٽي ڊي موجب، نور نبي افغانستان جي ننگرهار جو رهواسي هو، جڏهن ته دهشتگرد نعيم ۽ ڪريم چمڪني خودڪش حملي جا ماسٽر مائينڊ هئا، سي ٽي ڊي اختيارين چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان 3 ايس ايم جي، 12 ميگزين ۽ 135 ڪارتوس هٿ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو