اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حڪم ڏنو آهي ته ڪسٽم اختيارين کي قانون موجب اهو حق آهي ته هو ڪنهن به ڪليئر ڪيل امپورٽ لاٽ ۾ غلطي سبب گهٽ وصول ڪيل ٽيڪس جو فرق بعد ۾ وصول ڪري سگهن ٿا. خميس ڏينهن جاري ڪيل فيصلي ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن لاٽ جي غلطي سبب گهٽ ٽيڪس ورتي وئي آهي ۽ اها بعد ۾ فرق واري ثابت ٿئي ته واڌو ٽيڪس واري رقم بعد ۾ وصول ڪرڻ جو ڪسٽم وارن کي اختيار آهي. سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي هن فيصلي سان جسٽس محمد شفيع صديقي اتفاق ناهي ڪيو ۽ هن ڌار اختلافي نوٽ لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سيلز ٽيڪس ايڪٽ ۽ انڪم ٽيڪس آرڊيننس تي مشتمل اسٽيٽيوٽري فريم ورڪ تحت، ڪسٽم اختيارين کي برآمدات مرحلي جي سيلز ٽيڪس ۽ اڳواٽ آمدني ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار برقرار آهي، جتي به سامان جي ڪليئرنس کان پوءِ گھٽ وصولي جي نشاندهي ٿئي ته واڌو رقم بعد م به وصول ڪري سگهجي ٿي. عدالت 2022 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مختلف فيصلن خلاف اپيلن جي ٻڌڻي بعد اهو حڪم جاري ڪيو. حڪومت پاران ڪيل اپيل ۾ نيسلي، پي ايس او.، اٽڪ پيٽروليم، حيسڪول، جنرل فوڊز، پرائيم فوڊ سميت مختلف وڏيون ڪمپنيون جوابدار آهن. ياد رهي ته مختلف ڪمپنيون ٻاهران گهرايل مال تي مختلف طريقن سان ڪسٽمز اختيارين جي ملي ڀڳت سان گهٽ ڊيوٽي ادا ڪنديون رهيون آهن يا ڇوٽ وٺنديون رهيون آهن. جيڪي 2014 ۽ 2015 جي ترميمن بعد فعال نه آهن.










