وفاق وفد افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڪري يا اسان کي اجازت ڏي

وفاق وفد افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڪري يا اسان کي اجازت ڏي

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا (ڪي پي) جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي جلد کان جلد افغانستان سان ڳالهين لاءِ وفد موڪلڻ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ خيبر پختونخوا حڪومت جو جرڳو افغانستان وڃڻ لاءِ تيار آهي، خيبر پختونخوا جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته خيبر پختونخوا دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن صوبو آهي، دهشتگردي جو سڄو بار خيبر پختونخوا حڪومت برداشت ڪري رهي آهي، هن چيو ته خيبر پختونخوا جي قربانين جي ڪري باقي ملڪ دهشتگردي جي باهه کان محفوظ آهي، وفاقي حڪومت کي جاڳڻ گهرجي ۽ هن اهم مسئلي کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي، بئريسٽر سيف چيو ته هر شيءِ تي سياست نه ٿي ڪري سگهجي، افغانستان کي نظرانداز ڪرڻ وفاقي حڪومت جي وڏي غلطي آهي، صوبائي اطلاعات صلاحڪار چيو ته هي انساني جانين جو معاملو آهي، وفاقي حڪومت يا ته پاڻ افغانستان سان رابطو ڪري يا خيبرپختونخواهه کي اجازت ڏئي، جيڪڏهن دهشتگردي جي باهه خيبرپختونخواهه کان ٻاهر پکڙجي ته سڄو ملڪ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو