ثاقب نثار آڊيو  ليڪس, ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست رد

ثاقب نثار آڊيو ليڪس, ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست رد

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاناما پيپرز ڪيس جي فيصلي سان لاڳاپيل 2021 جي مبينا آڊيو ليڪ تي ڪميشن ٺاهڻ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فالو اپ نه ٿيڻ جي ڪري درخواست رد ڪري ڇڏي.ياد رهي ته نومبر 2021 ۾، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو ٽيپ ۽ عدليه خلاف ٻين الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.نومبر 2021 ۾ ئي، اڳوڻي چيف جسٽس تڪراري آڊيو ليڪ کي من گھڙت قرار ڏنو هو.هن مبينا آڊيو رڪارڊنگ ۾، اڳوڻي چيف جسٽس عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو