ڪوٽڙي مان 4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي آساني سان گذري ويندو

ڪوٽڙي مان 4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي آساني سان گذري ويندو

حيدرآباد (ن س ) ڊويزنل صدر عاجز ڌامراهه، جنرل سيڪريٽري گيان چند ايسراڻي ايم اين اي طارق علي شاھ ڄاموٽ سان گڏ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪجھ تنظيمي فيصلا ڪيا آھن، اسان پريس ڪلب کي سياست جو مرڪز سمجھون ٿا، اسان پارٽي قيادت جا شڪر گذار آھيون جن اسان کي عھدن جي ذميواري لاء چونڊيو آھي، جتي تنظيم سازي جي ضرورت پوندي اتي ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي ھميشه تنقيد کي پازيٽو ورتو آھي، صحافي برادري اسان جي ڪمن تي نظر رکي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ کان عوام متاثر ٿي آھي ، بلاول ڀٽو اتي ويو ۽ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو آھي، اسان جا چونڊيل نمائندا ٻوڏ متاثرن کي راشن پھچائين پيا ، ٻوڏ متاثرن لاء 21 لک گھر ٺاھڻ وارو منصوبو جاري آھي، 9 لک گھر ٻوڏ متاثرن لاء تيار ڪيا ويا آھن. ڊويزنل صدر چيو ته حيدرآباد ۾ ھن وقت صورتحال بھتر آھي، ڪوٽڙي بئراج کان 4 کان 5 لک ڪيوسڪ پاڻي ڊائون اسٽريم مان گذرندو جيڪو با آساني گذري ويندو ، سنڌ حڪومت ڪوٽڙي بئراج جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن لاء راشن ۽ ٽينٽن جو انتظام ڪري ورتو آھي، ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاھڻ لاء قانون موجود آھي، صرف ڪنھن جي مطالبن تي نوان صوبا نه ٿا ٺھي سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو