نوابشاهه:(ن س) قاضي احمد ۾ قومي شاهراهه سنگره موري تي تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سجي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت ٿي ويا آهن.موٽر وي پوليس موجب حادثي ۾ 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي به ٿيا، حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمين کي قاضي احمد، نوابشاهه ۽ شاهپور جهانيان جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.مسافر ڪوچ ملتان کان ڪراچي وڃي رهي هئي، حادثي بابت جاچ جاري آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوابشاهه ۾ مسافر ڪوچ حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي فوري امدادي سهولت ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته فوت ٿي ويل ۽ زخمي ماڻهن جي گهر ڀاتين سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي.










