پنجاب جي دريائن ۾ وڏي ٻوڏ برقرار، ريسڪيو ۾ فوج به شامل

پنجاب جي دريائن ۾ وڏي ٻوڏ برقرار، ريسڪيو ۾ فوج به شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽ نه ٿي سگهيو، چناب درياءَ ۾ هيڊ ٽريمُو تي وڏي سطح جو ٻوڏ برقرار رهيو، جتي وهڪرو وڌي 508,000 ڪيوسڪ ٿي ويو.آفيسرن چيو ته ملتان مان گذرندڙ چناب درياءَ جو ٻوڏ اڳتي وڌي رهيو آهي، تحصيل شجاع آباد ۽ تحصيل جلال پور ۾ تباهي مچائي رهيو آهي.انتظاميا موجب، ٻنهي دريائن جي سنگم تي واقع هجڻ جي ڪري، سڀ کان وڌيڪ نقصان ملتان ضلعي جي تحصيل جلال پور پير والا ۾ ٿيو، جتي 50 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن.درياءَ کاتي موجب، شهر کي بچائڻ لاءِ 8 ڪلوميٽر ڊگهو عارضي بند تيزي سان تعمير ڪيو پيو وڃي.ملتان اڪبر فلڊ ڊيم ۽ شير شاهه فلڊ ڊيم تي پاڻي جي وهڪري ۾ ڪجهه عارضي گهٽتائي آئي آهي، گذريل 48 ڪلاڪن کان پاڻي جي سطح 394 فوٽ تي آهي. شير شاهه فلڊ ڊيم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڊيم تي مٽي وجهڻ جو عمل جاري آهي.ساڳئي وقت، هيڊ پنجند تي به وڏي سطح تي ٻوڏ آهي جتي پاڻي جو وهڪرو 370,000 جي لڳ ڀڳ پهچي چڪو آهي. چنيوٽ تي به وچولي سطح جي ٻوڏ آهي.فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب، ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه والا تي تمام گهڻي سطح تي ٻوڏ آهي ۽ هن هنڌ تي پاڻي جو وهڪرو 311,000 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، هيڊ سليمانڪي تي وڏي سطح تي ٻوڏ ۽ هيڊ اسلام تي وچولي سطح جي ٻوڏ راوي درياءَ ۾ هيڊ بلوڪي ۽ سڌنائي تي وڏي سطح تي ٻوڏ آهي، هيڊ بلوڪي تي وهڪرو 154,000 ڪيوسڪ تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته هيڊ سڌنائي تي پاڻي جو وهڪرو گهٽجي رهيو آهي جتي پاڻي جو وهڪرو گهٽجي 91,000 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي.

ملتان ۾ ٻوڏ متاثرين جي ٻيڙي ٻُڏي وئي، 4 ٻارن سميت پنج ڄڻا فوت
جلال پور پير والا ۾ ٻوڏ متاثرين جي لڏ پلاڻ دوران ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب جلال پور ۾ ٻوڏ متاثرين جي لڏ پلاڻ ۾ مصروف ٻيڙي پاڻي ۾ اونڌي ٿي پئي، ريسڪيو ٽيمن فوري ريسپانڊ ڪندي شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو. ريسڪيو 1122 موجب ٻيڙي ۾ سوار هڪ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.ٻئي طرف ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺهيا ڊي سي ملتان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، واقعي بابت بريفنگ ورتي وئي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته پاڻي جي تيز وهڪرن سبب ٻيڙي اونڌي ٿي وئي. ڊي جي پي ڊي ايم اي زخمين کي بهترين طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي.ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ متاثرين جي لڏ پلاڻ کي محفوظ بنايو وڃي. پرائيويٽ بوٽس يا ريسڪيو بوٽس ۾ هرگز اوورلوڊنگ نه ڪئي وڃي.ريسڪيو ترجمان موجب سيڪريٽري ايمرجنسي سروسز جو ڊويشنل ايمرجنسي آفيسر کي فوري انسيڊنٽ رپورٽ شيئر ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. سوڳوارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.ريسڪيو ترجمان موجب ملتان تيز وهڪرن ۾ ريسڪيو آپريشن جي دوران ٻيڙي اونڌي ٿي پئي هئي، رضاڪارن 12 کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪري ورتو. بدقسمتي سان انهي افسوسناڪ واقعي ۾ 3 ٻار ۽ هڪ عورت فوت ٿي ويا. جڏهن ته هڪ ٻار گم آهي. گم ٿي ويل ٻار جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.هن ٻڌايو ته هينئر تائين ملتان مان 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي فلڊ آپريشن جي ذريعي رسڪيو ڪيو ويو، ساڍا 3 لک کان وڌيڪ ماڻهن ۽ 3 لک کان وڌيڪ جانورن جي اڳواٽ لڏ پلاڻ ڪرائي وئي آهي. هوڏانهن وزيراعليٰ مريم نوازشريف ملتان جي علائقي جلال پور ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي المناڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو