ڀارت پاران روسي تيل جي خريداري تي  مايوسي آهي: ٽرمپ

ڀارت پاران روسي تيل جي خريداري تي مايوسي آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هندستان پاران روسي تيل جي خريداري مايوس ڪندڙ آهي.ڊونلڊ ٽرمپ ڪالهه هڪ تقريب دوران چيو ته اسان هندستان تي 50 سيڪڙو جو وڏو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي.ٻئي طرف، هندستان جي ناڻي واري وزير نرملا سيتارامن چيو آهي ته هندستان آمريڪي ٽيرف کان متاثر ٿيندڙ پنهنجي برآمد ڪندڙن جي مدد ڪندو.ڪالهه هندستاني ميڊيا کي ڏنل هڪ بيان ۾، نرملا سيتارامن چيو ته حڪومت برآمد ڪندڙن لاءِ هڪ خاص پيڪيج متعارف ڪرائيندي جيڪي آمريڪي حڪومت پاران هندستاني شين تي 50 سيڪڙو درآمدي ٽيرف لاڳو ڪرڻ کان سخت متاثر ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو