ليکڪ: اظهر لغاري
پاڪستان جي قيام جي تاريخ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اهم ۽ تاريخي ڪردار آهي۔ هيءَ اها سرزمين آهي جتي سڀ کان پهرين سنڌ اسيمبليءَ قراردادِ پاڪستان جي منظوري ڏني ۽ برصغير جي مسلمانن جي آزاديءَ جي خواب کي حقيقت ڏانهن وڌائڻ جو رستو ڏيکاريو۔ اها ئي قرارداد هئي جنهن تحريڪِ پاڪستان کي نئين هٿي ڏني ۽ قائداعظم جي موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪيو۔ سنڌ اسيمبليءَ جو اهو قدم گويا سموري برصغير جي مسلمانن لاءِ منزل جو تعين ڪري ويو۔
سنڌ جي سرزمين هميشه وڏي دل ۽ مهمان نوازيءَ سان سڃاتي وئي آهي۔ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن لکين مهاجر هتي اچي پهتا ته سنڌ جي ماڻهن نه رڳو پنهنجا در کولي ڇڏيا پر پنهنجا دل به کولي ڇڏيا۔ اها قرباني ۽ ايثار سنڌ جي سڃاڻپ آهي۔ وقت گذرڻ سان گڏ سنڌي، مهاجر، پنجابي، پٺاڻ ۽ سڀ قومون هڪ ٻئي سان گڏجي رهيون آهن۔ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ماڻهو هڪ ٻئي جي ڏکن سکن جا ساٿي بڻجي ويا آهن، ۽ اهو ڀائپي ئي پاڪستان جي اصل روح آهي۔
پر افسوس جو وقت بوقت ورهاست واري سياست کي هوا ڏني وئي آهي۔ ڪڏهن لساني سياست جي نالي تي، ڪڏهن صوبايت جي نالي تي۔ مختلف سياسي طاقتون پنهنجن وقتي مفادن لاءِ نفرت جا ٻج پوکينديون رهيون آهن۔ پر حقيقت اها آهي ته سنڌ جي عوام اهڙي سياست کي بار بار رد ڪيو آهي۔ انهن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون دراصل ان جي اتحاد ۽ تاريخ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون آهن۔
افسوس جو اڄ به ڪجهه عنصر نون صوبن جي قيام جو شوشو اڇلائي سنڌ جي ماڻهن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ اها پراڻي سياست آهي جيڪا صرف ذاتي مفاد لاءِ زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ پر سنڌ جا ماڻهو هاڻي لسانيت ۽ صوبايت جي سياست کان اڳتي نڪري چڪا آهن۔ انهن جي وچ ۾ لاڳاپا، ڪاروبار، پاڙا ۽ روزمره جي زندگي ۾ جدائيءَ جو ڪو تصور باقي ناهي رهيو۔
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه اصل ۾ زميني حقيقتن کان انڪار آهي۔ سنڌ اسيمبليءَ جي قراردادِ پاڪستان انهيءَ ڳالهه جي علامت هئي ته سنڌ ڌرتيءَ آزاديءَ جو خواب سڀ کان پهرين عملي جامو پارايو۔ اڄ به سنڌ جا ماڻهو اهو خواب وڌيڪ وسيع ڪري رهيا آهن ته هتي سڀ هڪ آهن ۽ سڀ برابر آهن۔ تنهن ڪري جيڪي قوتون نون صوبن جو شوشو اڇلائي ماڻهن کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، اهي تاريخ جي وهڪري جي ابتڙ تري رهيون آهن ۽ تاريخ هميشه پنهنجو فيصلو پاڻ ٻڌائيندي آهي۔










