لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلدياتي نمائندن جو هي قدم متاثر ڪندڙ آهي ۽ اهڙا قدم صوبي جي ٻين نمائندن کي به ڪرڻ گهرجن. پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت اسان 20 لک برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون جنهن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي ۽ هي دنيا جو سڀ کان وڏو پراجيڪٽ آهي. هي پاڪستان پيپلز پارٽي جي تمام وڏي ڪاميابي آهي جنهن ۾ نه صرف عورتن کي مالي طور تي مستحڪم ڪيو پيو وڃي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زمينون الاٽ ڪرڻ واري پروگرام کانپوءِ اسان عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ انهن کي زمين ۽ گهرن جو مالڪ بڻايو آهي ۽ انهن کي مالڪاڻي حق واريون سندون به فراهم ڪيون آهن. ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ يونين ڪائونسلن ۾ لوڊر رڪشا ۽ پنهنجو رڪشو پنهنجو روزگار تحت غريب مستحقين ۾ رڪشا ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اوهان کي پنهنجي علائقي ۾ جيڪو هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت تمام ضلعن، ايم پي ايز، ايم اين ايز کي ترقياتي منصوبن بابت پيپلز پارٽي جا عهديدار ۽ چونڊيل نمائندا آهن اهي ڪردار ادا ڪن ۽ انهن جي مالڪي ڪن ته جيئن هيٺين سطح تائين عوام کي ان جو فائدو حاصل ٿي سگهي. 1995ع وارو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور حڪومت وارو سيورج ۽ مٺي پاڻيءَ وارو مسئلو رتوديرو تعلقي جي منصوبي کي جيئن مڪمل ڪرايو آهي ايئن لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ به مٺي پاڻيءَ ۽ نيڪال جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي. سنڌ جي عوام اوهان کي چونڊيو آهي انهن سان وڌ کان وڌ رابطي ۾ رهڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪري انهن جا ڪم ڪيا وڃن ته جيئن انهن کي ڪا به شڪايت نه رهي. هن چيو ته بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي جيئن بلوچستان جي ماڻهن جو سگهارو آواز بڻيل آهي. ايئن ئي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به اين ايف سي ايوارڊ ۽ معاشي مسئلن تي سنڌي عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪري آواز اٿاري رهيو اهي. عوام اسان جي طاقت ۽ اثاثو آهي. پاڪ ڀارت جنگ جي دوران مان جڏهن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي پاڪستان جو موقف پيش ڪري پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي جنهن تي لاڙڪاڻي، رتوديرو ۽ نئون ديرو جو عوام منهنجي ڀرپور طاقت بڻيل رهيو ۽ انهن جي طاقت سان ئي مونکي نشان امتياز جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. مان سڀني چونڊيل نمائندن کي چوندس ته اهي جيڪڏهن منهنجا ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ دفن شهيدن جا سچا نمائندا آهن ته اهي پنهنجي عوام جي خدمت کي يقيني بڻائين ته جيئن عوام جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪري سگهجن. مان چيئرمين ضلعي ڪائونسل ۽ انهن جي پوري بلدياتي ٽيم کي شاباس ٿو پيش ڪريان جن غريب ماڻهن کي روزگار سان لڳايو آهي. تقريب ۾ يونين ڪائونسلن جي نمائندن ۽ بيروزگار نوجوانن ۾ لوڊر رڪشا ۽ چنگچي رڪشا ورهايا ويا. ان موقعي تي تقريب ۾ پ پ ليڊيز ونگ صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اعجاز جکراڻي، سهيل انور سيال، خورشيد جوڻيجو، عبدالفتاح ڀٽو، سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، دليپ ڪمار، توفيق ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جتي ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري آجياڻو پيش ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ صوفي راڳي سڄڻ مائري “عمر دراز تيڏي الله نگهبان هو وي” گيت پيش ڪيو.










