صنم ڇوڪرن جهڙي لڳندي آهي: پروين اڪبر

صنم ڇوڪرن جهڙي لڳندي آهي: پروين اڪبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينئر پاڪستاني اداڪارا پروين اڪبر جو چوڻ آهي ته اداڪاره صنم سعيد مون کي ڇوڪري گهٽ ۽ ڇوڪرو وڌيڪ لڳي ٿي،پروين اڪبر تازو هڪ خانگي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران سينئر اداڪارا مختلف موضوعن تي بحث ڪيو، شو دوران ميزبان متيرا صنم سعيد جي تصوير ڏيکاري اداڪاره پروين اڪبر کان سندس راءِ گهري، صنم سعيد جي تصوير ڏسي پروين اڪبر چيو ته صنم سعيد هڪ تمام سٺي اداڪاره آهي، پر مون کي خبر ناهي ته هوءَ مون کي ڇوڪرو کان وڌيڪ ڇوڪري ڇو لڳي ٿي؟، پروين اڪبر چيو ته صنم سعيد مون کي ٽام بوائي لڳي ٿي، سينئر اداڪارا صنم سعيد جي ڊرامن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مان تسليم ڪريان ٿي ته صنم سعيد هڪ تمام سٺي فنڪاره آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو