ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪارائن حميرا اصغر ۽ عائشه خان جي المناڪ موت کان پوءِ، مشهور اداڪار ۽ ميزبان فيصل قريشي فنڪارن لاءِ هڪ جذباتي وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.فنڪار برادري کي خطاب ڪندي فيصل قريشي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن به قسم جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيو ته پاڻ کي اڪيلو نه سمجهو، مون سان رابطو ڪريو، مان ۽ ٻيا فنڪار توهان جي مدد لاءِ موجود آهيون. هن چيو ته ACT (ايڪٽرز ڪليڪٽو آف پاڪستان) نالي هڪ تنظيم، جيڪا فنڪارن جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، تازو ئي حميرا اصغر ۽ عائشه خان جي موت کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت جو انتظام ڪيو.










