واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)غزہ ۾اسرائيلي فوج جي هڪ دستي تي حماس پاران ڪيل خوني ۽ اوچتو حملو نه صرف خطرناڪ هو، پر ان جي جاءِ پڻ حيرت جوڳي هئي. سي اين اين جي رپورٽ موجب سومر رات، اسرائيلي فوجين جو هڪ گروهه، جيڪو بارڊر کان لڳ ڀڳ هڪ ميل پري ٽينڪن ۽ بڪتر بند گاڏين لاءِ مخصوص رستي تي هلي پيو ان تي هڪ ريموٽ ڪنٽرول بم سان حملو ٿيو. ان حملي ۾ نيتسا يهودا بٽاليئن جي فوجين کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو الٽرا آرٿوڊوڪس (گهڻو مذهبي) يهودي فوجين تي ٻڌل يونٽ آهي.حملي بعد جڏهن وڌيڪ اسرائيلي فوجي سندن مدد لاءِ اڳتي وڌيا، تڏهن ٻيو ريموٽ بم به ڦاٽو. ۽ ڪجهه لمحن بعد، ٽيون ڌماڪو به ٿيو، جنهن سان گڏ حماس جي هڪ ويجهي لڪل سيل طرفان ننڍن هٿيارن سان فائرنگ شروع ٿي وئي. چند منٽن اندر، پنج اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿيا، جن مان ڪجهه جي حالت نازڪ هئي. اهو حملو غزہ جي اتر اوڀر ڪنڊ ۾ بيت حنون شهر ۾ ٿيو، جيڪو اسرائيل جي شهر سديروت مان آساني سان نظر ايندو آهي، ۽ اھو علائقو اسرائيلي فوج جي ڪنٽرول هيٺ آهي. شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو ته حماس جي سيل گذريل 24 ڪلاڪن اندر بم لڳايا هئا ۽ اسرائيلي فوج لاءِ گهات لڳائي ويٺا هئا. اهو پيچيده حملو ظاهر ڪري ٿو ته حماس هاڻي گوريلا طرز جي حڪمتِ عملي اختيار ڪري چُڪي آهي، جڏهن ته هو لڳ ڀڳ 21 مهينن جي جنگ کان پوءِ ڪمزور ٿي چُڪي آهي، پر اڃا تائين اسرائيلي فوج خلاف مزاحمتي جنگ جاري رکي آهي. هن جنگ دوران اسرائيلي فوج کي ڪيترائي ڀيرا غزہ جي انهن علائقن ڏانهن موٽڻو پيو جتي هو اڳي دعويٰ ڪري چُڪا هئا ته انهن کي صاف ڪيو ويو آهي. هي حملو اهو پڻ ظاهر ڪري ٿو ته اسرائيل جو حماس کي مڪمل ختم ڪرڻ جو هدف اڃا تائين حاصل ٿيڻ کان پري آهي. حماس جي فوجي ونگ، القسام بريگيڊز، سومر ڏينهن جي حملي بابت چيو ته، “اهو ان علائقي ۾ ٿيو جتي قبضو ڪندڙ سمجهي رهيو هو ته اتي سڀني جاين جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ امن آهي۔” حماس هڪ بيان ۾ جنگ کي “ٿڪائڻ واري جنگ” قرار ڏنو، جنهن جو مقصد اهو آهي ته اسرائيل تي مسلسل دٻاءُ وڌو وڃي، ۽ 7 آڪٽوبر واري حملن دوران گرفتار ڪيل اسرائيلي فوجين جي تعداد ۾ واڌ ڪئي وڃي. “جيڪڏهن اسرائيل معجزي سان تازو پنهنجا قيدي ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، ته شايد هو ايندڙ دفعي ناڪام ٿي سگهي، ۽ اسان وٽ وڌيڪ قيدي اچي سگهن ٿا،” اربع ڏينهن، خان يونس ۾ حماس جي جنگجوئن هڪ اسرائيلي فوجي انجنيئرنگ گاڏي کي راڪيٽ سان نشانو بڻايو ۽ ڊرائيور جي فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گاڏي ڏانهن ڊوڙي پيا، جيڪو حماس جي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اسرائيلي فوج مطابق، جنگجوئن هڪ فوجي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران هو مارجي ويو. اسرائيلي فوجين وقت تي مداخلت ڪندي ڪوشش کي ناڪام بڻايو. 2 ڏينهن پوءِ، القسام بريگيڊز ٽيليگرام تي بيان جاري ڪندي چيو: “اڳتي ايندڙ فوجي جي قسمت مختلف هوندي اسان جو نئون قيدي بڻجندو. ” غزہ ۾ جاري هي سفاڪ ۽ مسلسل جنگ، اسرائيل جي ايران خلاف تيز ۽ محتاط آپريشن کان تمام مختلف آهي، جيڪو هوا ۽ زمين تان بنا ڪنهن فوجي نقصان جي ڪيو ويو هو. اسرائيلي دفاعي فورسز (IDF) مطابق، ايران سان 12 ڏينهن واري جنگ کان پوءِ غزہ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 19 فوجي مارجي چُڪا آهن، جن ۾ بيت حنون وارو حملو به شامل آهي. ايران-اسرائيل جنگبندي واري ڏينهن، غزہ جي ڏکڻ ۾ هڪ حماس جنگجوي هڪ بڪتر بند انجنيئرنگ گاڏي جي کوليل در مان باه لڳائڻ وارو بم اڇلايو، جنهن سبب ان ۾ ويٺل ست ئي فوجي مري ويا هئا. اهو حملو IDF لاءِ گذريل ڪيترن مهينن جو سڀ کان خوني واقعو هو. جنوري ۾ اڳوڻي IDF چيف آف اسٽاف، لفٽيننٽ جنرل هيرزي هيليوي چيو هو ته اسرائيل جنگ جي شروعات کان وٺي 20,000 حماس جنگجو ماريا آهن. اسرائيل حماس جي مٿاهين قيادت کي به ختم ڪري چُڪو آهي، پر هڪ سينيئر اسرائيلي فوجي آفيسر موجب، حماس نوان جنگجو ڀرتي ڪري پنهنجو نظام ٻيهر بحال ڪيو آهي. مارچ ۾، اسرائيلي نشرياتي اداري “ڪن نيوز” رپورٽ ڏني ته حماس “سوين ” نوان جنگجوي ڀرتي ڪيا آهن. هاڻي حماس جون غيرمرڪزي، آزاد سيل جنگي ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جيڪي بچيل زميني سرنگن جي نيٽ ورڪ جي مدد سان ڳجهي طور حرڪت ڪن ٿا، جيئن ريٽائرڊ ميجر جنرل اسرائيل زيو، جيڪو IDF جي آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ جو اڳوڻو سربراهه آهي، زيو سي اين اين کي ٻڌايو ته حماس کي وقت مليو ته هو IDF جي حڪمتِ عملين جو مطالعو ڪري، ۽ هاڻي هو انهن جي ڪمزوريءَ کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. “انهن جي جنگ اسان جي ڪمزورين تي مبني آهي. هو علائقو نٿا بچائن هو هدف ڳولين ٿا،” هن چيو ته اسرائيلي فوجي افرادي قوت جي دٻاءُ سبب، حماس کي ڪمزور هئڻ باوجود موقعا مليا آهن. “حماس هاڻي مڪمل طور گوريلا تنظيم بڻجي وئي آهي، جيڪا ننڍن ٽولن جي صورت ۾ ڪم ڪري ٿي۔ وٽن گهڻي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد آهي، جن مان گهڻو IDF طرفان ڦٽو ڪيل گولا بارود مان مليو آهي. هي جنگ IEDs (ريمورٽ بم) جي آهي۔ حماس گهات لڳائي رهي آهي ۽ اهم رستن تي ڪنٽرول حاصل ڪري پئي،” زيو چيو. انهن جي غيرمرڪزي طريقي سان ڪم ڪرڻ سبب اسرائيل لاءِ حماس جي قيادت کي نشانو بڻائڻ مشڪل ٿي ويو آهي. گذريل مهيني، هڪ اسرائيلي فوجي آفيسر سي اين اين کي ٻڌايو هو ته حماس جي باقيات کي نشانو بڻائڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو آهي. “ھاڻي حڪمتي مقصد حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي،” آفيسر چيو. حماس پنهنجا گهڻا راڪيٽ اڳ ئي ختم ڪري چُڪي آهي ۽ هاڻي فقط وقفي وقفي سان راڪيٽ فائر ڪري ٿي، جن جو اثر تقريباً صفر آهي. پر غزہ جي کنڊرن ۾ حرڪت ڪرڻ جي سگهه، ۽ اسرائيلي بارود مان ٺهيل بم استعمال ڪرڻ جي صلاحيت، هن محاصري واري علائقي جي ڀڃ ڊاهه کي ئي سندس طاقت جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. ڏکڻ غزہ ۾ هٿياربند ٽولن جي مزاحمت ۽ حماس خلاف عوامي ڪاوڙ هوندي به، حماس وڙهڻ جاري رکيو آهي، ۽ هر گذرندڙ هفتي ۾ هڪ نئين خوني قيمت وٺي رهي آهي، ڇوته اڃا تائين جنگبندي ناهي ٿي سگهي. دوحه ۾ هلندڙ ڳالهين باوجود، جنگبندي اڃا تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي، ڇوته ثالث اڃا تائين ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ موجود اهم اختلافن کي ختم نه ڪري سگهيا آهن. وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو واشنگٽن جي دوري دوران چيو هو ته حماس کي هٿيار ڇڏڻا پوندا، پنهنجون فوجي ۽ حڪومتي صلاحيتون ختم ڪرڻيون پونديون، نه ته اسرائيل جنگ ٻيهر شروع ڪندو. پر حماس اهڙن وڏن مطالبن تي راضي ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، ۽ تازا حملا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سندن هٿ اڃا به ڪافي مضبوط آهن.










