ڪوهلي جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ڪوهلي جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)هندستان جي ليجنڊ بيٽسمين ويرات ڪوهلي به ٽي 20 کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي.آءِ سي سي جي ويب سائيٽ تي هڪ رپورٽ موجب، هي فيصلو روهت شرما پاران گذريل هفتي راند جي سڀ کان ڊگهي فارميٽ تان رٽائرمينٽ جو حيران ڪندڙ اعلان ڪرڻ کان پوءِ آيو.ويرات ڪوهلي سوشل پليٽ فارم ‘انسٽاگرام’ تي پنهنجي پوسٽ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.پنهنجي پوسٽ ۾، هن لکيو ته ’14 سال ٿي ويا آهن جڏهن کان مون پهريون ڀيرو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بيگي بليو لباس پاتو هو. سچ پڇو ته، مون ڪڏهن به تصور نه ڪيو هو ته هي فارميٽ مون کي ڪهڙي سفر تي وٺي ويندو، ان مون کي آزمايو آهي، مون کي بهتر بڻايو آهي ۽ مون کي اهڙا سبق سيکاريا آهن جيڪي مان پنهنجي باقي زندگي ياد رکندس.هن لکيو ته ‘اڇي رنگ ۾ کيڏڻ ڪجهه خاص آهي. خاموش محنت، ڊگها ڏينهن، ننڍا لمحا جيڪي ڪو به نه ڏسندو آهي، پر جيڪي هميشه اسان سان گڏ آهن.هن چيو ته، “هاڻي جڏهن مان هن فارميٽ کي ڇڏي رهيو آهيان، اهو آسان ناهي پر اهو رٽائرمينٽ جو بهترين وقت لڳي ٿو. مون اهو سڀ ڪجهه ڏنو آهي جيڪو مون وٽ هو، ۽ ان مون کي اميد کان وڌيڪ واپس ڏنو آهي.ويرات ڪوهلي لکيو، “مان هن فارميٽ کي پنهنجي دل ۾ راند لاءِ، انهن ماڻهن لاءِ جن سان مون ميدان تي وقت گذاريو، ۽ هر ڪنهن لاءِ جن هن سفر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو، شڪرگذاري جي جذبي سان ڇڏي رهيو آهيان.آخر ۾، هن چيو، “مان پنهنجي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڪيريئر کي هميشه مسڪراهٽ سان ياد رکندس، هندستاني بيٽسمين پنهنجي 123 ٽيسٽ ميچن ۾ 9,230 رنسون ٺاهيون آهن، جن ۾ 30 ٽيسٽ سينچريون ۽ 31 اڌ سينچريون شامل آهن.هن جون 2024 ۾ ٽي 20 انٽرنيشنل مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو