ڪراچي (شھزادو مستوئي ) ڪورنگي ۾ مزدورن جي بنيادي حقن لاءِ ۽ ٺيڪيدار نظام خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جهن ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڪارڪنن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي جلاول چورنگي کان پيادل مارچ ڪندي چمڙا چورنگي پهتي جتي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ ريلي کي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ اعجازسامٽيو، عنايت کٽياڻ، منير مگسي، مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين 8 نڪاتي ايجنڊا پيش ڪندي چيو ته ڌرتي ڌڻي سنڌي مزدورن لاءِ روزگار جا در کوليا وڃن.

ڪراچي جي سمورن خانگي ڪارخانن مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري ڪمپني نظام بحال ڪيو وڃي. مزدورن کي صحت، تعليم، اي او بي آئي ڪارڊن جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. مزدورن کي بونس گريجوئٽي سروس، سالانه موڪلون ۽ ان سينٽو ڏنو وڃي. نام نهاد يونين ختم ڪري مزدورن جي حقيقي يونين بحال ڪئي وڃي. مزدورن کي ڪم دوران حادثي کان بچڻ لاءِ مڪمل حفاظتي سيفٽي ڏني وڃي. ڪرپٽ انتظاميا جي سرپرستي ۾ ايجنٽن جي سهڪار سان مزدورن کان پئسا وٺي ڀرتي ڪرڻ بند ڪئي وڃي. ڪميٽي جي بچت مان 10 سيڪڙو مقامي علائقن جي ترقيءَ لاءِ خرچ ڪيا وڃن. ريلي کي پاڪستان تحفظ قومي موومينٽ جي اڳواڻ سائين بخش بنگلاڻي، سماجي اڳواڻ عادل مشتاق آرائين، امير چانڊيو، حفيظ لاشاري، ذوالفقار ڀٽي، فيض هيسباڻي، لياقت سومرو، علي نواز گبول، ستار کوسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.










