ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود اڳوڻي صدر عارف علوي جي ڊينٽل ڪلينڪ کي سيل نه ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪلينڪ ڊي سيل نه ڪرڻ تي ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي.عدالت توهين عدالت جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايس بي سي اي ۽ ٻين کان 9 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار جي وڪيل کان ريگيولر بينچ ٻڌڻي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت ايس بي سي کي ڊينٽل ڪلينڪ کي فوري طور تي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪمن باوجود ڊينٽل ڪلينڪ کي ڊي سيل نه ڪيو پيو وڃي.










