گهر جي هڪ عورت سبب زال سان تڪرار ٿيو: فردوس

گهر جي هڪ عورت سبب زال سان تڪرار ٿيو: فردوس

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار فردوس جمال پنهنجي خاندان کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ اڪيلي زندگي گذارڻ کان پردو کڻي ڇڏيو آهي.تازو هن هڪ خانگي چينل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ذاتي زندگي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.انٽرويو دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته مان پنهنجي گهرواري، زال ۽ ٻارن کي سٺي زندگي گذارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. مون ڪڏهن به پنهنجي باري ۾ نه سوچيو آهي، مون پنهنجي ٻارن کي تعليم لاءِ پرڏيهه موڪليو آهي.هن چيو ته مون اهو گهر به ٺاهيو آهي جنهن ۾ اڄ اهو خاندان رهندو آهي ۽ مون پنهنجي سڄي زندگي جي ڪمائي، بچت، قرض کڻي اهو گهر ڪيئن ٺاهيو، مون کي خبر آهي ته قرض اڃا ادا ڪرڻو پيو. هنن کي گاڏيون ڏنيون پر مون وٽ نه ڪار آهي، نه رهڻ لاءِ گهر.ميزبان پڇيو ته اڄ توهان جي گهر وارن توهان کي هن گهر مان ڪڍي ڇڏيو يا توهان پاڻ کي ڌار ڪيو؟ميزبان جي سوال جو جواب ڏيندي اداڪار چيو ته نه، منهنجي گهر وارن مون کي گهر مان نه ڪڍيو

پهنجو تبصرو موڪليو