ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر ڪارپوريشن پاڪستان رينجرز سان گڏجي ڪري پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا سيڪٽر 6 ۾ پاڻي چوري لاءِ ٺاهيل غير قانوني هائيڊرنٽ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو اختيارين موجب پاڻي چورن نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا جي 6 ۽ 8 انچن جي لائينن مان 2 غير قانوني ڪنيڪشن لڳايا هئا جن کي ڪٽيو ويو آهي غير قانوني ڪنيڪشن لڳڻ سبب نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي ھئي جڏهن تہ غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽڻ کانپوءِ نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ پاڻي جي فراهمي بهتر ٿي ويندي اختيارين جو چوڻ هو تہ واٽر ٽينڪر سميت غير قانوني هائيڊرنٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ڳري مشينري ۽ ٻيو سامان پڻ ضبط ڪيو ويو آهي ۽ پاڻي چورن خلاف قانوني ڪارروائي جي لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي سان رجوع ڪيو ويو آهي.










