راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان 24 نومبر تي اسلام آباد مارچ جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني اسلام آباد مارچ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي پر هن ڪميٽي جا نالا سامهون آڻڻ کان انڪار ڪيو آهي. عمران خان چيو آهي ته نالا نه ٻڌائيندس ته ڇو ته نالا ظاهر ڪرڻ کان پوءِ اها ماڻهو گرفتار ٿي ويندا آهن.هن ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته 24 نومبر تي احتجاج جو مرڪز اسلام آباد هوندو، احتجاج سڄي پاڪستان نه پر پوري دنيا ۾ ٿيندو. احتجاج تيستائين ختم نه ٿيندو جيستائين مطالبا پورا نٿا ڪيا وڃن.فيصل چوڌري موجب پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته احتجاج جو اهو فائنل سڏ آهي، اسان جو مطالبو آهي ته 26هين آئيني ترميم واپس ورتي وڃي ۽ اسان جو مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي. بنا ٽرائيل گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.فيصل چوڌري ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني چيو ته احتجاج ۾ پي ٽي آءِ جا سمورا اڳواڻ نڪرندا ۽ سموري پارٽي کي خبر آهي ته ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي جڏهن ته احتجاج ختم ڪرڻ جو اختيار هڪ ڪميٽي کي هوندو. عمران خان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي علي امين گنڊاپور به قافلو وٺي ڪي پي ڪي مان نڪرندو.ٻئي طرف عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني فائنل سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ هڪ ڪارڪن کي مخاطب ٿيندي پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته پوري پاڪستان ۾ اوهان کي گڏ ٿيڻو آهي.










