گمبٽ (ن س )گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو.. ڪولاب جيئل جي ڳوٺ شيخ طيب ۾ نوجوان حافظ ضياءُ الرحمان پنھور سولر لايٽ جي پول تي چڙھي لائٽ سيٽ ڪرڻ دوران اوچتو هيٺ ڪري پيو. نوجوان کي زخمي حالت ۾ گمس اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. فوتي جا وارث مڙهه پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺا کڻائي ويا جڏهن ته سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.










