هزاره (ويب ڊيسڪ)هزاره ايڪسپريس وي تي وين جي ٽڪر ۾ موٽر وي پوليس اهلڪار مارجي ويو جڏهن ته هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.پوليس موجب وين ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي اهلڪار کي ايبٽ آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو چنارڪوٽ وٽ پيش آيو.موٽر وي پوليس جا 2 اهلڪار ٽٽل گاڏي جي مدد ۾ مصروف هئا ته وين کين ٽڪر هنيو.










