رياست مدينا جي عوام جي وات جو گرھ به کسجي ويو!

رياست مدينا جي عوام جي وات جو گرھ به کسجي ويو!

فدا حسين لاشاري

رياست مدينا جون دعوائون ڪندڙ حڪمرانن عوام جي واتان گرھ به کسي ورتو، اٽو، داليون، چانور، گھ ۽ ڀاڄين جا اگھ چوٽ چڙھي ويا، حيرت جهڙي ڳالھه ته اها آھي ته غربت جي لڪير کان هيٺيون طبقي لاء گهر ۾ هڪ ويلي جي چلهھ ٻرڻ به ڏکي بڻجي وئي، جن نئين پاڪستان ۽ مدينا رياست جي اميدن تي ووٽ ڏيندڙ عوام جي پيرن هيٺان پراڻو پاڪستان به نڪري ويو، خبر نه آھي ته ڇو هر ايندڙ نئين حڪومت گذريل حڪومت کان به وڌيڪ عوام لاء تڪليفزده ثابت ٿئي ٿي،

حيرت جهڙي ڳالھ اها آھي ته پريشان تڪليف ۾ مبتلا عوام جي فٽن تي لوڻ نئين پاڪستان ۽ رياست مدينا جا خواب ڏيکاريندڙ حڪران اهو چئي ٻرڪي رهيا آھن ته عوام هن حڪومت ۾ عوام تمام گهڻو خوش آھي اسان بيروزگاري مهانگائي ختم ڪري ڇڏي آھي،

حڪمرانن جي هي ڳالھ ڪوئي ۽ ٻلي وانگي آھي ڪوئو ٻلي کي ڏسي جلدي پنهنجا اکيون بند ڪندو آھي، اکيون بند ڪري ڪوئو اهو سوچيندو آھي ته مونکي ڪو به نٿو ڏسي،

حڪمران به ميڊيا تي من پسند بيان ڏئي اهو ثابت ڪرڻ ٿا چاهين ته اسان جو دور حڪومت بهترين آھي،

پوري ملڪ ۾ عوام غربت ۽ مهنگائي چي چڪي ۾ پيسجي رهيو آھي پر مان رتوديرو هن ڪالم ۾ مهنگائي جي پيدا ٿيل طوفان تي روشني وجهندس،

رتوديرو ۾ انتظاميه نالي ڪا به شيء نه آھي اسان وٽ تقريبن سڀ شيون ٿين ٿيون جيئن ڀاڄيون وغيره ۽ شوگر مل به آھي ان سان گڏ زراعت چانور، داليون ۽ ڪڻڪ وغيره به پر پوء به هتان جو عوام مهانگائي جي دٻڻ ۾ فاٿل آھي،

ٽماٽا 280 روپيا، بصر 140، پٽاٽا 80 روپيا، گوبي 120، واڱڻ 80 روپيا، ڪريلا 140، بند گوبي 140، گوگڙو 60، ساوا مرچ 250، ڀينڊيون 120، پالڪ ويڙهي 30 اهڙي طريقي سان دڪاندارن سڀني ڀاڄين جا هٿرادو اگھ مقرر ڪري ڇڏيا جڏهن ته ڪرياني توڙي گوشت، مرغي ۽ ميون وارن صوف، ڪيلا، ڏاڙهون، چڪون ۽ ٻين ميون جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا جڏهن به ڪو شهري دڪاندارن کان پڇي ٿو ته ريٽ لسٽ ڏيکاريو چون ٿا ڇا جي ريٽ لسٽ هي نئون پاڪستان آھي،

ڇا نئين پاڪستان ۾ جنهن کي جيئن وڻي ڪري مطلب نئون پاڪستان ۽ رياست مدينا جي حڪمرانن پنهنجي نعري غربت جي خاتمي کي ابتڙ ڪري ڇڏيو ته نئين پاڪستان ۾ غربت کي ڇڏي غريبن جو خاتمو ڪجي،

رتوديرو ۾ پرائز ڪنٽرول ڪرڻ وارو انتظاميه هر روز دڪاندارن کي سرڪاري ريٽ لسٽ مهيا ڪرڻ جا پنج کان 7 روپيه پڻ وصول ڪن پيا، تقريبن هر روز هڪ لک روپيا پڻ وصولي ٿئي ٿي، هڪ لک ڪي لڳ ڀڳ ڪيش کڻندڙ انتظاميه ڇو اگهور ننڊ ۾ ستل آھي ڇو شهر ۾ دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن سبزي، فروٽ، ڪريانو، گوشت، مڇي وارن ڏي وڃي اگھن تي ڪنٽرول نٿا ڪرائن،

مان ان هٿرادو پيدا ڪيل مهانگائي جو ذميوار صرف ۽ صرف اي سي صاحب کي سمجھندس ڇو ته هي ان جي ذميواري آھي،

ڪالھ منهنجو شهر ۾ وڃڻ ٿيو جتي ڀاڄي واري ڏي ويس ڀاڄي وٺڻ سڀ کان پهرين مون هن کي چيو ته ريٽ لسٽ ڏيکار چيائين ڇا جي ريٽ لسٽ مون چيو ته ادا اڄوڪي ڊيٽ واري ڀاڄين جو دڪاندار سان ڪافي بحث ٿي آخر هن هڪ ڇوڪري کي ڪن ۾ ڪجھ چئي موڪليو پنجن منٽن کان پوء ڪٿان اڄوڪي ڏينهن جي ريٽ لسٽ کڻي آيو، پر مونکي اها ريٽ لسٽ ڏسڻ کان پوء حيرت ٿي ان ريٽ لسٽ ۾ ڪافي ڀاڄيون جنهن جي رتوديرو ۾ پيداوار ٿئي ٿي انهن جا اگھ به ٻيڻ لکيل هئا، پر ريٽ لسٽ تي ٻيا ڪيتريون ئي ڀاڄيون جيئن گوبي 80 کان 60 روپيا ڪلو لکيل هو ته دڪاندار 120 روپيا، ڀينڊيون 80 کان 60 پر دڪاندار 120، پالڪ ويڙهي 15 روپيا پر دڪاندار 30 روپيا ويڙهي ٻڌايو، چيومانس ته ادا ريٽ لسٽ جي پرائز کان ڪافي وڌيڪ ٻيڻ تي پئسا ٿو ٻڌائين چوڻ لڳو نئون پاڪستان آ اسان جا حڪمران ملڪ لٽي رهيا آھن اسان ڪنهن ايٽم تي 20 روپيا مٿي ورتو ته ڪهڙو فرق پوندو، افسوس ان مان ثابت ٿئي ٿو رياست ملڪ قانون جو ڪنهن جي دل ۾ به ڪو احترام خوف نه آھي، سمجهن ٿا ته اسان ڪرپشن ڪندي پڪڙجي به پياسين ته پنج روپين جي ڏيتي ليتي بعد آزاد ٿينداسين، ايس ڊي ايم رتوديرو صاحب دڪاندارن جا اهڙي قسم جا ڪمينٽ توهان جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آھن،

مزدور طبقي جي گهر جي چلھ نٿي ٻري غريب مسڪين طبقو فاڪاڪشي تي مجبور آھي ڪالھ هڪ مزدور سان ملڻ ٿيو ان کان مون احوال ورتو ته ڏئي خبر ادا ڪيئن ٿو گهر جو چرخو هلي لڙڪ لاڙي ويٺو چوڻ لڳو ته هن ملڪ ۾ غريب ٿي پيدا ٿيڻ کان بهتر آھي ته اهو انسان پيدا ٿيڻ کان پوء مري وڃي، 4 سئو روپيا ڏهاڙي ڪيئن گهر هلي ڪو حڪمران ٻڌائي ته پنج ڀاتي 400 روپين ۾ ڪيئن گهر هلندو روز ڀاڄي، گھ اٽو خريد ڪري. 3 ويلا ڪئين چلھ ٻرندو هن نئين پاڪستان ۾ ڏينهن رات محنت ڪرڻ باوجود به پنهنجن ٻچن کي پيٽ ڀري ماني ڳڀو به نٿا کارائي سگهون،

اي وقت جا حڪمرانو نئين پاڪستان ۽ رياست مدينا جا دعوائون ڪندڙ ملڪ جي غريب عوام تي رحم ڪيو، انهن کي جيئڻ ڏيو هٿرادو مهانگائي جو نوٽيس وٺو خدارا عوام جي تڪليفن جو ازالو ڪيو جن توهان کي ووٽ ڏئي اعلي ايوانن تائين پهچايو اگر انهن کي ڪجھ ڏئي نٿا سگهو ته انهن جي وات جي گرھ ته نه کسيو،

پهنجو تبصرو موڪليو