لاهو: (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تي بم ڌماڪي ۽ قيمتي حياتين جي نقصان جي مذمت لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي.قرارداد آءِ پي پي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ پي پي 149 مان ايم پي اي شعيب صديقي پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ پرڏيهي ايجنسين جي پاڪستان ۾ مداخلت ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين جي مذمت ڪئي وئي.شعيب صديقي جي قرارداد ۾ 27 ڄڻن جي مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ۽ 50 کان وڌيڪ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي آهي.قرارداد جي متن موجب پنجاب اسيمبلي جو اهو ايوان ملڪ جي سمورين صوبائي اسيمبلين جي هڪ جان سمجهيو ويندو آهي ۽ هي ايوان اهو عزم ڪري ٿو ته ملڪ جي چپي چپي جي حفاظت لاءِ عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو.ايوان عسڪري ادارن تي ڀروسي جو اظهار ڪندي چيو ته يقين آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪنداسين. شعيب صديقي قرارداد ۾ چيو ته صدر استحڪام پاڪستان پارٽي عبدالعليم خان جي قيادت ۾ ملڪي تعمير، ترقي ۾ حصو وجهي رهيو آهي. ظلم جي رات جلد ئي امن جي روشنين ۾ ضم ٿي ويندي. شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. رب پاڪ شهيدن کي جنت الفردوس عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد کان جلد صحتياب ڪري. قرارداد جو مقصد ايوان ۾ دهشتگردي جي خلاف موقف کي اجاگر ۽ قومي اتحاد جو اظهار ڪري ٿو.










