سجاول ۾ روڊ حادثو،2 نينگر فوت

سجاول ۾ روڊ حادثو،2 نينگر فوت

سجاول ( ن سنڌ يار ) سجاول ۾ خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، سجاول ويجهو ٻڍو ٽالپر ڀرسان سمان گولائي وٽ مسافر وين ۽ موٽرسائيڪل جو ٽڪر ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل سوار ٻه ڄڻان نوجوان ريحان احمد ميربحر ۽ نينگر اويس ميربحر موقعي تي فوت ٿي ويا، ٻنهي فوتين جي مڙه کي سول اسپتال سجاول آندا ويا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا، ٻنهي فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويا، ٻي پاسي سجاول پوليس ڊارائيور کي گرفتار ڪري وين پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاريل ڇڏي ۽ واقعي جي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي فوتين مان ريحان ميربحر ڳوٺ ريجمياڻ جو رهواسي آهي ۽ جڏھن ته نينگر اويس ميربحر ڳوٺ صالح ميربحر جو رهواسي ٻڌايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو