معيشت بهتر ٿئي پئي، پرڏيهي سيرپڪاري پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم

معيشت بهتر ٿئي پئي، پرڏيهي سيرپڪاري پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جو فروغ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ڪاروباري برادري کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ذريعي ون ونڊو آپريشن جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. حڪومت جي ڪوششن سان ڪجهه وقت کان ملڪي معيشت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي آهي. جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان برطانوي بااثر ۽ مشهور واپارين جي وفد ملاقات ڪئي. زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ وفد ۾ برٽش بزنس مين به شامل هئا، وزيراعظم شهباز شريف واپارين جي وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ڪاروبار کان ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ تعاون جا نوان رستا ڳولڻ تي غور ڪيو ويو. وفد وزيراعظم جي اقتصادي پاليسين کي ساراهيو ۽ ملڪي معيشت کي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو