حڪومت تباهي جي رستي تي هلي رهي آهي،ڪامران مرتضيٰ

حڪومت تباهي جي رستي تي هلي رهي آهي،ڪامران مرتضيٰ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته حڪومت تباهي جي رستي تي هلي رهي آهي، 26هين آئيني ترميم جي پهرين تجربي کان پوءِ مايوسي ٿي آهي، هاڻي ٻيو تجربو ڪرڻ وڃي پيو، اهو سٺو نه ٿيندو.هن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف سان گڏجي احتجاج ڪرڻ وقت کان اڳ آهي.ڪامران مرتضيٰ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن مولانا لاءِ پي ٽي آءِ جي باني جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ واضح ڪيو ته 26هين ترميم لاءِ ووٽ ڏيڻ تي کيس غدار چوڻ مولانا لاءِ ناهي،هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊن کانپوءِ چئي سگهي ٿي ته وڪيلن 26هين ترميم کي قبول ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو