لاهور (ويب ڊيسڪ)فاسٽ بالر محمد حسنين کي آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ لاءِ پلينگ اليون ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جو ميلبورن ۾ ٽريننگ سيشن ٿيو، جتي رانديگرن فزيڪل ۽ فيلڊنگ مشقن کانپوءِ نيٽ تي سخت مشق ڪئي.فاسٽ بالر شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ عامر جمال به نيٽ تي بالنگ ڪئي.پريڪٽس سيشن دوران سليڪٽر اسد شفيق به موجود هو جنهن ڪوچ جيسن گلسپي ۽ ڪپتان محمد رضوان سان تفصيلي مشاورت ڪئي.اسد شفيق بابر اعظم ۽ ٻين رانديگرن سان به ملاقات ڪئي.پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 4 نومبر تي ايم سي جي ۾ کيڏي ويندي.










