اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڄمون ۽ ڪشمير جي وڏي حصي تي ڀارت جي قبضي کي 77 سال گذري ويا آهن. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارتي قابض فوج دهشتگردي خلاف قانونن جي آڙ ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي.پاڪستان جي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت والاريل ڪشمير تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ کان پوءِ قدم کڻي رهيو آهي.شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته ڀارت کي ڄاڻڻ گهرجي ته هو ظالمانه حڪمت عملي سان ڪشميرين جي حقيقي امنگ کي دٻائي نٿو سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي ڀرپور اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.










