لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته حڪومت کي 27هين آئيني ترميم نه پر 26هين آئيني ترميم واپس وٺڻ گهرجي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ پارليامينٽ وچ ۾ تڪرار وڌي رهيو آهي.لياقت بلوچ چيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارت جي ناجائز قبضي خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو، ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ 77 سالن کان جاري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله ڪشميرين جي آزادي جو سج ضرور اڀرندو، 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. لياقت بلوچ چيو ته عالمي برادري کي ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.










